جلد جي حفاظت ڪرڻ جا بهترين ٽوٽڪا..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جلد کي پرڪشش ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ سڻڀي غذائن ۽ بازاري کاڌن کان پاسو ڪيو، عورتون پنهنجي جلد جي حفاظت ڪري ان کي خوبصورت بڻائي سگهن ٿيون، خاص طور تي آئلي اسڪن وارين عورتن کي گھرجي ته سڻڀن کاڌن، غير معياري ۽ بازاري کاڌن کان پاسو ڪن ته جيئن جلد صاف ۽ شفاف رهي.

ان ڪري وڌ کان وڌ پاڻي پيئن، ميوا ڀاڄيون کائن ۽ گرمين ۾ خاص طور تي تربوز ضرور کائن، اهو جلد لاءِ بي فائديمند آهي. ٿوري گھڻي ورزش ضروري آهي، ان سان رت جو دورو درست رهندو آهي ۽ مختلف جلد جا مسئلا به ناهن ٿيندا. هر طرح جو موسمي ميوو ضرور کائڻ گھرجي، جيڪڏهن پسند نه آهي ته ان جو  جوس ٺاهي پيئڻ بهتر آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: کيري سان جلد جي حفاظت..!

ياد رکو ته ميوا ۽ ڀاڄيون کائڻ سان گھڻو فائدو حاصل ٿيندو آهي ۽ چهرو خوبصورت ۽ پرڪشش ٿيڻ لڳندو آهي، ان جو مقابلو بازاري ڪريمن ۽ ميڪ اپ ڪري ئي نٿيون سگھن. جيستائين اوهان جي جلد اندران فريش نه هوندي تيستائين ميڪ اپ به ڪجهه نٿو ڪري سگھي. هڪ ڳالهه سدائين ياد رکو، گرمي هجي يا ٿڌ اُس ۾ نڪرڻ کان اڳ چهري کان علاوه ڪنڌ، هٿن ۽ پيرن تي سن بلاڪ به ضرور لڳائڻ گھرجي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ننهن جو خيال ڪيئن رکجي…..!

سن بلاڪ خريد ڪرڻ وقت گھٽ ۾ گھٽ 30 اايس پي ايف واري سن بلاڪ کي ئي ترحيح ڏيو. پير اهڙي طرح نه رڳو جلد کي سج جي الثراوائليٽ شعاعن کان محفوظ رهندا آهن پر بيس جو ڪم به ٿي ويندو آهي ۽ اوهان جي اسڪن ميڪ اپ جي هاڃيڪار اثرن کان محفوظ رهندي آهي. اهڙي طرهه اوهان جي جلد صاف ۽ داڳن کان محفوظ رهندي ۽ اوهان کي روز چهري تي بيس جو تهه ڄمائڻ جي ضرورت نه رهندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.