ٽي 10 ليگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شرڪت تي پابندي..!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (سي سي بي) ٽي 10 ليگ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪندي رانديگرن کي  ليگ لاءِ جاري ڪيل اين او سي رد ڪندي ليگ ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو آهي.

ٽي ٽوئنٽي ليگ هلندڙ سال 15 کان 24 نومبر تائين گڏيل عرب عمارتن ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ بورڊ رانديگرن کي مشروط اين او سي جاري ڪئي هئي.

پر هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي جاري ڪيل اجازت ناما رد ڪري ڇڏيا آهن.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ان قدم جي وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته قائد اعظم ٽرافي ۾ شرڪت سان گڏوگڏ رانديگرن جي ورڪ لوڊ کي نظر ۾ رکندي بورڊ اهو فيصلو ڪيو.

بورڊ جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو رانديگرن ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي وڏي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پي سي بي وڌيڪ ٻڌايو ته رانديگرن جي فٽنيس ۽ ميڊيڪل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ 23 کان 25 نومبر تائين لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪيمپ جاري رهندي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: موسيٰ خان ۽ نسيم شاهه آسٽريليا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

بورڊ ٻڌايو ته قائد اعظم ٽرافي جي ستين ۽ 10هين رائونڊ جون ميچون 11 نومبر کان ايندڙ مهيني 5 ڊسمبر تائين جاري رهنديون جڏهن ته ايونٽ جو فائينل 9 کان 13 ڊسمبر تائين هوندو.

10 اوور في اننگز تي ٻڌل ڪرڪيٽ جي نئين فارميٽ ٽي 10 ليگ جي پهرين ايڊيشن جو انعقاد 2017ع ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ پاڪستان سوڌو سموري دنيا جي ڪيترن ئي انٽرنيشنل رانديگرن شرڪت ڪئي هئي ۽ ان کي سٺي موٽ به ملي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.