سنڌ جي زراعت ۾ عورت جو اهم ڪردار

ماريا اسماعيل

سنڌصوبي ۾ عورت جو زراعت ۾ اهم ڪردار آهي پرسماجي فرق جي ڪري عورت کي زمين جي مالڪي جا حق ايترا گهڻا نه ٿا مهيا ڪيا وڃن جي جيتري سندن محنت آهي. هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ فقط 14لک عورتن وٽ رجسٽرد زرعي زمين آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ 3 سيڪڙو کان به گهٽ زمين تي عورتن جي مالڪي آهي. جيتوڻيڪ جو ڪن حالتن ۾ اهي عورتون زمين جون مالڪ هوندي پڻ آهي زمين تي پنهنجا اختيارهلائي نه ٿيون سگهن، زمين جي مالڪي جي ضابطي ۽ نظام ،ادارتي بندشن،ادارياتي امتياز ۽ وڏن زميندارن جي اثر سبب عورتون آبپاشي ۽ پاڻي جي اتنظامڪاري ۾ سڌو ۽ موثر ڪردار اداڪري نٿيون سگهن ۽ بااثر زميندارپاڻي جو رخ پنهجين زمينن ڏي موڙي ڇڏيندآهن، جڏهن انهي نظام ۾ هڪ محضوص طبقي عورت کي پاڻيءَ جي ورچ سميت زمين جي مالي ۽ ان جي استعمال وارن معاملن پڻ  نظر اندازڪري ڇڏيو آهي، انهي جو مطلب اهو ئي آهي ته اهڙي صورتحال جو سمورو ۽ سڌو اثر عورت جي زندگي تي پئي ٿو.

سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ ٻه قانون رائج آهي. هڪ مڪمل طور آفيسر شاهي تي مشتمل سنڌ آبپاشي قانون 1889ع آهي. جنهن جو انتظام سنڌسرڪار جو آبپاشي کاتو رکي ٿو. جيڪو موجوده آبادي جي ضرورتن کي پورو نٿو ڪري خاص طور تي خوراڪ جو تحفظ، پئيڻ جي پاڻي جي فراهمي، صنعتي ۽ زرعي ضرورتون جو پورائو ڪرڻ وغيره ۽ ٻيو قانون سنڌ واٽر مئينيجينٽ آرڊيننس 2002ع جيتوڻيڪ انهي ۾ عوام جي شموليت جو عنصر آهي. مگر سماج جي ڏتڙيل حصي جيئن بي زمين هاري، عورتون ۽ 15ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙن کي مکيه ڌارا۾ نٿو آندو وڃي.

هڪ سماجي تنظيم آڪسفيم جي مالي سهڪار سان اويئر ۽ ايس پي او سان گڏجي اهڙن علائقن مان جتي پاڻي کوٽ آهي هن ۾ گهريلو سطح تي موسم جون ٻاڄين جي پوڪ ڪرڻ جي تربيت ڏئي عورتن کي مالي ۽ گهريلو تي مضبوظ ڪرڻ آهي. عورتون پنهنجي گهر ۾ يا زمين جي ننڍي ٽڪڙي ۾ موسم جي حساب سان ڀاڄين جي پوڪ ڪري پنهنجي گهرجي ماڻهن جو پيٽ پالي سگهن ان کان علاوه معاشي طور تي به بهتر ٿي سگهن ٿيون.

آڪسفيم پاران هڪ سروي ڪرايو ويو جنهن ۾ عوامي آواز جي ملاقات ڊسٽرڪٽ بدين جي  اڪرم واهه جي  پچڙي واري ڳوٺ ڦل ملاح جي رهواسي عورت فاطما ملاح سان ٿي. اسان کي فاطما ملاح ٻڌايو ته هن جي ڪٽنب وٽ فقط ٻه ايڪڙ زمين آهي جيڪا پڻ پاڻي جي کوٽ سبب بلڪل گهٽ پيدوارڏئي رهي آهي. فاطما ٻڌايو ته هن جا ٽي ٻار آهي جيڪي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم آهي. فاطما ملاح پنهنجي ڳوٽ ۾  آڪسفيم جي ٺاهيل ڪميٽي جي نائب صدر آهي جيڪا پنهنجي علائقي جي عورتن کي مختلف قسم جي ڀاڄين جي پوک سيکاري کين روزگارڪمائيڻ جا طريقو ٻڌائي ٿي.

هن عوامي آواز کي وڌيڪ ٻڌايو ته هو مختلف عورتن جي حوالي سان گڏجاڻين ۾ حيدر آباد ۾ پاڻي جي حقن جي بابت ورڪشاپ ۾ به شرڪت ڪري چڪي آهي آهي پر ان جو اصل امتحان ان وقت آيو جڏهن پوئين سال وسڪاري جي مند ۾ هڪ مقامي سطح تي بااثر زميندار پنهنجي وڏيون مشينون گهرائي سم نالي کي وڏو بند ٻڌرائي ڇڏيو، فاطمه وڌيڪ ٻڌايو ته عام حالتن ۾ اهڙي ڪنهن به ڪارروائي جي ڪابه داد رسي نه ٿي سگهي ها پر ٽرينٽگ سبب مان باخبر هيس ۽ پنهنجي ڳوٺاڻن جي حقن لاءِ بااعتماد طور سامهون بيٺل هيس. هن اها ڳالهه ڳوٺاڻن اڳيان رکي ۽ گڏيل ڪوششن سان سمورن ڳوٺاڻن ڪوڏرن سان بند ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڳوٺاهڻ کي متوقع هٿرادو ٻوڏکان پچايو .

فاطمه ملاح ٻڌايو ته آڪسفيم ۽ اويئر پاران اسان کي پوڪ ڪرڻ لاءِ موسم جي حساب سان مختلف ٻاجين جا بيج ۽ اوزار ڏنا ويندا آهن جنهن جي ذريعي اسان گهٽ پاڻي ۾ به پوڪ ڪري پنهنجوگذر بسر ڪنداآيون. هن ٻڌايو ته ان ڀاڄين اپائڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ جي 35 گهر جا مرد ۽ عورتون گڏجي ڪري ڪم ڪنديون آهن.

فاطما ملاح جو خيال آهي ته عورتون پاڻي تي ٿيندڙن جهيڙن کي ٽارڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اڪٽر جهيڙا انهي ڪري ٿيندا آهن جو مرد وارابندي جي دوران پنهنجي واري کان اڳ يا پنهنجي مقررمقدار کان وڌيڪ پاڻي کڻندا آهن. هن چيو ته اهي رات جي انڌاري ۾ اهو پاڻي ڍڪ به چوري ڪري ويندا آهن پر جڏهن عورتون شامل ٿينديون ته اهي سڀني ڳوٺاڻن جي لاءِ سوچيندون ۽ ان ڪري وڌيڪ جهڙي جهٽي جي نوبت نه ايندي .

اسان جي ملاقات بدين جي ننڍڙي ڳوٺ چنيسر ملاح جي رهواسي هڪ ٻي عورت سان به ٿي اتفاق سان اجو نالو به به فاطمه ملاح ئي هو هو، ان ٻڌايو ته ان جا 9 ٻار آهي هو پنهنجي ٻه ايڪڙ زمين هئڻ باوجود مزدوري ۽ ڪپهه جو چونڊو ڪندي آهي. فاطما ٻڌايو ته مون کي پنهنجو نالو به لکڻ نه ايندو هو ۽ نه ئي وري آئون مردن جي سامهون هڪڙو لفظ به ڳالهائي سگهندي هئيس. فاطما جي زمين جوکيس ڪوبه فائدو نه هيو ڇاڪاڻ ته پاڻي جي غير منصفاڻي ورهاست ڪري سندس زمين مڪمل طور ري غيرآباد هئي کيس اهو اندازو ته هيو ته اها صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي پراعتماد جي کوٽ ۽ سماجي دٻاءُ ڪارڻ هن کي واضع خبر نه هئي ته حالتون تبديل ڪيئن ڪجن. جڏهن هن آڪسفيم جي پراجيڪٽ تحت اويئر جي سرگرمين جي باري ۾ ٻڌو ته کيس هڪ ٻي رڪاوٽ سامهون هئي ته مردن انهن پروگرامن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني .

فاطماجي ڳوٺ واران جو تعلق ساڳي ذات سان آهي جيڪي ڦل ملاح واران جو آهي عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ساڳي ذات جي ڪري پاڻ ۾ واسطو بهتر ٿيندو آهي پر جڏهن هڪ ئي ذات جي ٻن ڳوٺاڻن جي وچ ۾ برادرين جا شديد تڪرار هجن ته معاملا ويتر خراب ٿينداآهن .

فاطما ٻڌايو ته ڳوٺاڻن عورتن کي اهڙي هر پروگرام ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو جتي ڦل ملاح جا ماڻهو موجود هجن پر فاطما کي لڳو ته هن ۾ هن جو پنهنجو نقصان آهي تنهنڪري فاطما انهن پروگرام ۾ شرڪت ڪندي رهي ڳوٺاڻن جي شديدردعمل جي باوجود انهن ٻنهي عورتن جي برادرين ۾ سهڪار وڌائڻ جون ڪوششون ڪيون . هو مسقبل ڏي نهاري چوي ٿي تي هڪ ڏينهن مان به ضلعي سطح جي تنظيم جي چئيرپرسن ٿي سگهان ٿي ۽ پاڻي جي انتظامڪاري بابت پنهنجون سفارشون اڳتي رسائي سگهان ٿي چاڪاڻ ته اهو ئي شخص پاليسي تبديل ٿيڻ جي بهتر صلاح ڏيئي سگهي ٿو جيڪو ان کان صبح شام متاٽر ٿيندو هجي .

عوامي آواز سان آڪسفيم جي شاهد ڳالهائيندي چيو ته آڪسفيم جو بنيادي مقصد آهي ته عورتن جي اندر شعور وڌائڻ ۽ تربيت سازي ڪرڻ. هن چيو ته عورتون، مقامي سطح تي پوئتي پيل طبقي سان گڏجي ڪم ڪيو ته جئين انهن جي آواز کي ٻڌو وڃي ۽ پاڻي جي انتظام ڪاري ۾ انهن کي شامل ڪيو وڃي. فارمر آرگنائيزيشن جي ممبر محمد ابراهيم  ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان کي تعليم، ڄاڻ ۽ حوصلو نه ملي ها ته جيڪو اسان اهي اختيار منتقل ڪرائي نه سگهون ها. هن چيو ته هاڻي اسان جي ڪميونٽي جون عورتون، بي زمين هاري ۽ ٻيا اقليتي گروهه گڏ آهن. اسين پنهنجو آواز ٿيٽر ۽ پارليامينٽرين سان خط وڪتابت ڪري سگهيون ٿا.

سنڌ جي پچڙي پيل علائقن جي غريب ماڻهن کي سندن رسائي مڪمن نه هئي پر مختلف ورڪشاپ جي ڪري ڄاڻ وڌڻ سبب هاڻي ڳوٺ ۽ ضلعي سطح جون تنظمين ۾ خاص طور تي اڳواڻ عورتون اهڙن معاملن کي خيرخوبي ۽ پرامن طريقي سان حل ڪري رهيون آهن اهڙو عمل جهيڙن ۾ گهٽتائي آڻي ٿو ۽ باهمي عرت کي وڌائي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.