مولانا جو مارچ مڪافات عمل يا تبديلي

زلف پيرزادو

جميعت علماءِ اسلام مولانا فضل الرحمان موجوده پي ٽي آءِ  حڪومت خلاف لانگ مارچ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ملڪ جو سياسي گرمي پد انتهائي وڌي ويو آهي .پهرين ته حڪومت ان کي ايڏو سنجيدا نه ورتو پر جيئن ئي مخالف ڌر جي ٻين پارٽين به مولانا فضل الرحمان جي حڪومت مخالف مارچ جي حمايت ڪئي ته سرڪار لاءِ پريشاني ويتر وڌي وئي خاص طور (ن)ليگ پ پ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين حڪومت مخالف مارچ جي حمايت ڪري پي ٽي آءِ سرڪار جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي.، ان سلسلي ۾ حڪومت مارچ روڪرائڻ لاءِ هيلا هلائڻ شروع ڪيا آهن ۽ هڪ ڪميٽي پڻ مولانا سان ڳالهين لاءِ جوڙي آهي پر مولانا جو مطالبو آهي ته پهرين وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي پوءِ ڳالهيون ٿينديون. هوڏانهن وزيراعظم ، حڪومتي وزيرن توڙي ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي چڱن مڙسن جا جيڪي بيان اچي رهيا آهن اهي ويتر مولانا فضل الرحمان ۽ جي يو آءِ اڳواڻن کي چيڙائي رهيا آهن مثال طور وزيراعظم جو اهو چوڻ ته هي پهرين اسيمبلي آهي جيڪا بنا ”ڊيزل“ جي هلي رهي آهي تازو حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ جي پريس ڪانفرس ۾ اهو  چوڻ ته ڀارتي وزيراعظم مودي کي خوش ڪرڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي نقصان پهچائڻ لاءِ مارچ ڪيو پيو وڃي. وزير اعظم جو اهو بيان ته مولانا ۾  (7) ڏينهن به ڌرڻو هڻڻ جي صلاحيت نه آهي اهڙن بيانن سان گڏ جي يو آءِ جي ذيلي تنظيم انصار اسلام  تي بندش مڙهڻ  پڻ اهڙا قدم ۽ بيان آهن جيڪي ڳالهين جي رستي ۾ وڌيڪ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن ۽ ڇڪتاڻ ويتر وڌي رهي آهي.

هڪ طرف  عوام بک بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ ۽ سرڪار سڳوري جي ڪيل اعلانن کان لڳاتار  ” يوٽرن“ وٺڻ يا واعدي خلافي سبب پريشان ۽ موجوده حڪومت کان بيزار نظر اچي رهيو آهي ته ٻئي طرف اهڙي عوامي بيچيني جو فائدو حڪومت مخالف سياسي ڌريون وٺڻ لاءِ سرگرم آهن هوڏانهن سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي اهڙِي صورتحال ۾ گڏيل مخالف ڌر جو احتجاج يقيني طور تي سرڪار لاءِ ڳڻتيء َ جوڳو آهي .

جيڪڏهن ڪو جوڳو حل نه نڪتو ۽ مخالف ڌر سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ته حالتون خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگھن ٿيون. ان ڪري پاڻ  (126)ڏينهن جي لڳ ڀڳ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ هاڻي مخالف ڌر جي مارچ ۽ مولانا جي ڌرڻي سبب پريشان آهن ان کي ئي مڪافات عمل به چئبو آهي.

ظاهري طور تي حڪومت ۾ نه ته ملڪ هلائڻ جي صلاحيت نظر اچي ٿي نه وري سياسي معاملن کي سياسي انداز سان حل ڪرڻ جي اهليت نظر اچي ٿي. ان ڪري ڏينهون ڏينهن ملڪي معاملا حڪمرانن جي هٿن مان کسڪي رهيا آهن . نتيجي طور  اسٽيبلشمينٽ به پريشان نظر اچي رهي آهي، ان ڪري نواز شريف سان به رابطا ڪيا ويا پر اطلاع آهن ته نواز شريف هاڻ اسٽيبلشمينٽ مخالفت ۾ آخري حد تائين پهچي چڪو آهي. اهي به اطلاع آيا ته نواز شريف کي سعودي حاڪمن ذريعي پرچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر ڪوبه خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو ساڳي طرح مولانا فضل الرحمان کي به سعودي عرب جي حاڪمن ذريعي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهي رابطا به شايد ڪار آمد ثابت نه ٿيا هاڻ ته مولانا فضل الرحمان لاءِ اهو به مسئلو پيدا ٿي ويو آهي ته اڪيلي سر ڪو به فيصلو نٿو ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته پ پ (ن)ليگ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين کي پاڻ سان گڏائي چڪو آهي ان ڪري هاڻي جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو سمورين مخالف ڌر جي پارٽين کي گڏجي ڪرڻو پوندو . مخالف ڌر جي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ واري سياسي بصيرت به پي ٽي آءِ ۾ نظر نه ٿي اچي ان ڪري مخالف ڌر متحد آهي ۽ حڪومت سياسي طور هن وقت ڪمزور پوزيشن ۾ آهي ان ڪري پي ٽي آءِ جي مستقبل جو فيصلو ته حالتون ڪنديون پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هاڻ تبديلي اڻٽر آهي. ان جي شڪل ڪهڙي هوندي اهوبه ويجهي مستقبل ۾ شايد منع ٿي وڃي.ڇاڪاڻ ته موجوده سرڪار عوامي حمايت اڳ ئي وڃائي چڪي آهي ۽ عوام بيزار نظر اچي رهيو آهي. سرڪار سياسي سطح تي به اڪيلي ٿي وئي آهي. معيشت بهتر ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ وڌيڪ واڌارو اچي رهيو آهي.

ان ڪري عام ماڻهون ۾ به حڪومت مخالف لاڙو وڌي رهيو آهي. پارليامينٽ ۾ به پي ٽي آءِ وٽ ڪا وڏي اڪثريت نه آهي. ان صورتحال ۾ حڪومت ڪيئن پاڻ بچائي سگھندي ڪو رستو ڏسڻ ۾ نٿو اچي مخالف ڌر جو ته مطالبو آهي ته وزير اعظم استعيفا ڏئي ۽ عام چونڊون ڪرايون وڃن.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تبديلي پارليامينٽ ۾ اندر اچي ٿي يا عام چونڊن جو اعلان ٿئي ٿو يا اڃا ڪا ٻي صورتحال جم وٺي ٿي.

ان سڄي صورتحال مان اهو اشارو ضرور ملي رهيو آهي ته تبديلي اڻٽر ٿي وئي آهي . ان ڪري هاڻي اهي به اطلاع اچڻ شروع ٿيا آهن ته حڪومت ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب هاڻ مزاحمت جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ مولانا فضل الرحمان کي گرفتار يا نظربند ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ ايندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ سمورا رستا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . جڏهن ته مخالف ڌر توڙي مولانا اڃا تائين مارچ ۽ ڌرڻي واري اعلان تي قائم آهن .  ان ڪري حالتون ڪنهن وڏي ٽڪراءَ طرف ويندي نظر اچي رهيون آهن. ان ڪري رڳو مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪرڻ سان به مسئلو ته حل نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف سميت ٻني مخالف ڌر جي قيادت به مارچ ۾ شرڪت جو اعلان ڪري چڪي آهي. اصل ٽڪراءُ ڪٿي آهي .  مارچ جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي اهو ته هاڻ جلد واضع ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته گرفتاريون ڪرڻيون آهن ته پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻو پوندو هڪ اڌ گرفتاريءَ سان مارچ رڪجي نه سگھندو. سو هاڻي وري به اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۽ وزيراعظم اڄڪلهه بهرحال مڪافات عمل مان گذري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.