آبادگارن جو معاشي قتلام ڇو.!!!

امتياز چانڊيو

وسيلن سان مالامال سنڌ، اقتدار ڌڻين جي پاليسين جي نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن ڪنگال ٿيندي پئي وڃي، ماضيءَ ۾ سنڌ جا خوشحال ماڻهو اڄ ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهن، اقتدار تي قابض ۽ اقتدار ڌڻين جو نوازيل هڪ مخصوص ٽولو ته خوشحال ٿي رهيو آهي، پر اسان جا آبادگار، هارين توڙي بي پهچ ماڻهو ته هاڻي پنهنجن ٻچن جا پير ۽ انهن جو تن ڍڪڻ لاءِ به سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن، بک ۽ بدحالي سنڌ جي ماڻهن جو مقدر بڻجندي پئي وڃي، سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ صحت مرڪز ته اڳ ۾ ئي تباهيءَ جي ورچڙهيل آهن، مسڪين ماڻهن جو اولاد ته هاڻي تعليم کان به محروم ٿي ويو آهي، پر ماڻهن کي صحت جون به سٺيون سهولتون ميسر ناهن، اسپتال جو حال اهڙو جو ماڻهو بيوس ۽ لاچار بڻجي تڙپي تڙپي پنهنجون زندگيون وڃائي ٿا ويهن.

سنڌ جي وسيلن تي ته اڳ ۾ ئي قبضو ٿيل آهي، وسيلن جو مالڪ هجڻ جي باوجود سنڌ جا ماڻهو انهن وسيلن مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا آهن، روزگار جا دروازا به سنڌ جي ماڻهن لاءِ مڪمل طور تي بند آهن، بيروزگاري سبب سنڌ ۾ نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، بک ۽ بدحالي سبب مائرون پنهنجن ٻچن سميت خودڪشيون ڪرڻ واريون خبرون به اخبارن جون سرخيون بڻيل آهن، جڏهن ته مسڪين ماڻهو پنهنجا ٻچا بازار ۾ وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندي به ڏسجن ٿا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو حڪمرانن جي ناڪارا پاليسين جي نتيجي ۾ مصيبت کي منهن ڏيندا پيا اچن، پر هاڻي سنڌ جي زراعت تي به وار ٿي رهيو آهي، ان جي ذميواري هڪڙو ته حڪمرانن تي آهي، ٻيو وري جعلي ٻج ۽ ڀاڻ جي ڪمپنين جي ڪرپشن شامل آهي.

منهنجو ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ضلعي جو چڪر لڳو هو، سارين جي آبادگارن ۽ هارين جا حال احوال ٻڌي مون کي ته تمام گهڻو ڏک ٿيو، مون سوچيو پئي ته ڪيتري نه چالاڪي سان ٻج ۽ ڀاڻ جي ڪمپنين سنڌ جي هارين کي لٽيو، ڦريو ۽ تباهه ڪيو آهي، هڪ هزار روپيا في ڪلو واري سارين جي هائبرڊ جي نالي سان ڪمپنين کان خريد ڪري پوکيل ٻج ته نسرڻ دوران هارين ۽ آبادگارن جي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا، سارين جو فصل جڏهن تيار ٿيو ته اڌ سنگ ۾ پاپڙي ۽ رڳو اڌ سنگ ۾ چانور ٿيو، جنهن ڪري اڌو اڌ فصل جو نقصان هارين ۽ آبادگارن کي ٿيو، هارين ٻڌايو پئي ته هنن جڏهن فصل جي اهڙي حالت ڏٺي ۽ ٻج جي ڪمپنين خلاف رڙ ٿي ته انهن موسم کي ان نقصان جو ذميوار قرار ڏئي پنهنجي جان آجي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ هن سال، اڳ کان وڌيڪ گرمي ٿي آهي، تنهن ڪري اها گرمي جي سٽ سارين جو فصل نه سهي سگهيو ۽ اهو چانور بجاءِ پاپڙي ٿي ويو، هاري ويچارا اهو به قدرت جي رضا سمجهي چپ ٿي ويا، بهرحال هن سال اناج جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ فصلن مان هاري پنهنجو خرچ به ڪڍي نه سگهندا.

سنڌ ۾ هاڻ وري ڪمند جو فصل تيار ٿيو آهي ته وري شگرملن وارن پنهنجي ساڳئي روايت کي برقرار رکندي ڪمند جي آبادگارن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، نه وقت تي شگرملون هلڻ شروع ٿيون آهن ۽ نه ئي وري ڪمند جو اگهه مقرر ٿي سگهيو آهي، شگرمل مالڪ سگهارا هجڻ ڪري آبادگار ويچارا انهن اڳيان بيوس بڻيل آهن، وري به ساڳيون اپيلون ڪرڻ تي لاءِ هو پريس ڪلب تائين پهچي ويا آهن. گذريل سومر ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، مير ظفر الله ٽالپر، محمد انوار ۽ عبدالرحيم درس پريس ڪانفرنس ڪئي، سندن مطابق ته سنڌ حڪومت پاسما آڏو بيوس بڻيل آهي، پاسما هڪ هٽي قائم ڪري ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتلام ۽ استحصال ڪري رهي آهي، ان سڄي عمل ۾ سنڌ حڪومت جو ڪردار خاموش تماشائي وارو آهي، ڪمند جي نئين سيزن جو وقت شروع ٿيڻ باوجود حڪومت ڪمند جو نئون اگهه مقرر ڪرڻ سان گڏ شگرملون هلائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري سگهي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت پاسما وارن جو پاسو وٺي بيٺل آهي، حڪومت کي آبادگارن جو ڪو به خيال نٿو ٿئي. سنڌ سرڪار ڏانهن اهڙي ميار کڻي پهتل آبادگارن گهر پئي ڪئي ته فوري طور تي شگرملون هلائي ڪمند جو في مڻ اگهه 250 روپيا مقرر ڪري آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان کان بچايو وڃي، تنهن ڪري اقتدار ڌڻين کي گهرجي ته هو مخصوص ٽولي کي نوازڻ بجاءِ سنڌ جي ريڙهه جي هڏي سمجهي ويندڙ زراعت کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو قدم کڻي، سارين جي فصل جي نقصان جو ذميوار ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شگرملن کي وقت تي هلائي ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ته جيئن آبادگار وڏي نقصان کان بچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.