جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) جروار ڀرسان ڳوٺ پير بخش گبول وٽ روڊ تي نامعلوم شخص جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي, جڏهن ته هٿ آيل لاش جي ڀرسان پسٽل به پيل آهي، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لااش کي ميرپور ماٿيلو اسپتال کڻائي آئي, جڏهن ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ منير احمد ڪلوڙ ٿي آهي، جيڪو عادلپور جو رهواسي آهي.