ٺل ۾ ايس يو پي ڪارڪن قتل مامرو، جوابدار عدالت ۾ پيش

ٺل (ن ع آ) ٺل اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ساڍا ٽي مهينا اڳ قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن ۽ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار ربنواز عرف ربو ٻرڙو کي ڪالهه ٺل جي اي سيڪشن پوليس پاران شڪارپور جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو،جتي عدالت پاران ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو،پوليس موجب جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو،ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مليو آهي،جڏهن ته مقتول جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو جي گرفتاري جي لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي،ڪالهه66هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مقتول جي وارثن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پاران شاهه عبدالطيف لائبريري کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي،جتي مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين مقتول جي والد شرف الدين سرڪي،ڀاءُ امام الدين سرڪي،جمال الدين ٻرڙو،قاري عنايت الله مهر،مفتي نظام الدين بنگلاڻي،نواب بنگلاڻي،اصغر لاشاري،غلام حسين ڪنراڻي،قربان بلوچ، لياقت سرڪي،وسيم قريشي،ميرحسن ٻرڙو  ۽ ٻين چيو ته ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي ساڍا ٽي مهينا اڳ قتل ڪيو ويو هو جنهن ڪيس ۾ گهربل ٽن جوابدارن کي پوليس پاران گرفتار ڪيو ويو آهي،رهيل ٻن جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو قانون جي گرفت کان آجا بڻيل آهن،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.