حيدرآباد: ڊپٽي ڪمشنر پاران گورنمينٽ اسپتال پريٽ آباد ۾ کليل ڪچهري ڪرائي وئي

وامي آواز رپورٽ
حيدرآباد: ڊپٽي ڪمشنر پاران گورنمينٽ اسپتال پريٽ آباد ۾ کليل ڪچهري ڪرائي وئي
وامي آواز رپورٽ حيدرآباد: ڊپٽي ڪمشنر پاران گورنمينٽ اسپتال پريٽ آباد ۾ کليل ڪچهري ڪرائي وئي

 

 

 

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سول اسپتال پريٽ آباد ۾ کليل ڪچهري ڪرائي جتي مريضن جي وارثن ۽ علائقي واسين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.

ڊپٽي ڪمشنر عائشه ابڙو گورنمينٽ اسپتال پريٽ آباد ۾ کليل ڪچهري ڪري مريضن کان اسپتال ۾ ملندڙ سهولتن جي حوالي سان معلومات ورتي.

کليل ڪچهري ۾ شهرين ٻڌايو ته اسپتال جي حدن ۾ غيرقانوني اڏاوتون ٿي ويون آهن جنهن سبب گاڏين جي اچ وڃ مشڪل بڻجي وڃي ٿي ۽ رش سبب مريض دير سان اسپتال ۾ پهچن ٿا ان ڪري مريضن جون فوتگيون پڻ ٿين ٿيون.

مريضن ۽ علائقي واسين ٻڌايو ته اسپتال جون ايمبولنسز غيرفعال آهن جڏهن ته مريضن کي پوريون دوائون به نٿيون ملن ۽ ٻنپهرن کانپوءِ اڪثر ڊاڪٽر به ڊيوٽي تان غير حاضر هجن ٿا.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو اسپتال جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مريضن سان رويي ۾ بهتري آندي وڃي ۽ مريضن کي علاج جون معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن لياقت ميڊيڪل اسپتال تان مريضن جي رش کي گهٽائي سگهجي………………..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.