ايم ڪيو ايم وزير اعظم کي ياد ڏياريو….! اهم خبر پڙهندا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي آيو جتي هن وفاق  تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين متحده قومي موومنٽ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائس جي وفد سان ملاقات ڪئي.

ملاقات کان پوءِ سنڌ جي سياسي معاملن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون. وزير اعظم سان ملاقات کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته وزير اعظم سان ساٿين جي آزادي ۽ آفيسون کولڻ تي ڳالهيون ٿيون، وزير اعظم کي ياد ڏياريو ويو ته انهن ئي بنيادي حقن جي بنيدا تي حڪومت ۾ شامل ٿيا هئا.

ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي چيو ته هن پنهنجي بي گناهه قيد ساٿين جي آزادي ۽ گم ٿيل ساٿين جي بازيابي تي ڳالهيون ڪيون.

هن چيو ته وزير اعظم  سان ايم ڪيو ايم جون سيل ڪيل 200 کان وڌيڪ آفيسون کولڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزير اعظم کي ياد ڏياريو ويو ته انهن ئي بنيادي حقن جي بنياد تي هو حڪومت ۾ شامل ٿيا هئا.

خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي خواهش گهڻي پراڻي آهي، هن حڪومت اڃا خواهشڻ تي ٽيڪس ناهي لڳايو.

خالد مقبول صديقي چيو ته 11 سالن جي تجربن مان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.