سنڌ ۾ مخالف ڌر جو وڏي وزير خلاف مهم هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مخالف ڌر سنڌ حڪومت بي نقاب مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي  مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ آهي ته گند، پاڻي ۽ سيوريج سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ مڪاني حڪومت کي بااختيار بڻائڻا پوندو.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي صفائي مهم جو هڪ مهيني مڪمل ٿي ويو، پوسٽر تيار ڪري رهيا آهن ۽ سڀاڻي کان جتي ڪچرو هوندو اُتي بي نقاب وڏي وزير جا بينر هڻنداسين.

ياد رهي ته سنڌ حڪومت هڪ مهينو اڳ صفائي مهم شروع ڪئي هئي جنهن ۾ سڄي شهر مان گند کڻڻ ۽ ٺڪاڻي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.