پاڪستان جو مستقبل فواد چوڌريءَ ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سولر پينلز  ۾ پاڪستان جو مستقبل آهي، هڪ نه 3 ڪمپنيون پاڪستان ۾ يونٽ لڳائڻ لاءِ تيار آهن.

تفصيل موجب سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چانئا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي اختيارين سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سولر پينلز مينوفيڪچرنگ، بيٽري تي هلندڙ بسن جو يونٽ لڳائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سولر پينلز انرجي ۾ پاڪستان جو مستقبل آهي، هڪ نه 3 ڪمپنيون پاڪستان ۾ يونٽ لڳائڻ لاءِ تيار آهن.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته ڪمپنيون پاڪستان جي ڀائيواري سان سولر پينلز مينوفيڪچرنگ تي ڪم ڪنديون، چين جون بس مينوفيڪچرز ڪمپنين جي اختيارين سان به رابطو ٿيو آهي.

ان کان اڳ هلندڙ  سال آگسٽ ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ملڪ ۾ اليڪٽرونڪ رڪشا ۽ موٽر سائيڪل متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته اليڪٽرونڪ ٽيڪنالاجي ۾ تبديلي سان ماحول ۾ ڪاربن ۾ گهٽتائي ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.