بلاول کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو ڪيئن مري ويو: فردوس

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ چاهين ٿا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو ڪيئن مري ويو؟ جنهن ڀُٽي کي جيئرو رکندي اتي ٻار بُک وگهي مري رهيا هجن ۽ اتي غربت ناچ ڪري رهي هجي، اتي امن امان جي بدترين صورتحال آهي، بيڊ گورننس جا داستان هر ڪنهن جي چپن تي آهن پر پ پ چيئرمين پنهنجي ڪوتاهين، ناڪامين ۽ بدانتظامين کي جاچڻ بدران وفاقي حڪومت تي ڪاهه ڪري رهيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سياسي جماعتون ٽين قوت کي موقعو نه ڏين: بلاول ڀٽو زرداري

هن چيو ته عمران خان سان بغض تي ٻڌل انهن جو موقف ان ڳالهه ڏانهن اشارو ٿو ڪري ته انهن وٽ عدالتن ۾ پنهنجي بي گناهي کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪو به دستاويز موجود ناهي، جڏهن اهي قانوني بچاءُ ناهن ڪري سگهندا ته ميڊيا ۾ عدالت لڳائي وزيراعظم عمران خان جي ڪردار ڪشي ۽ ان بابت نازيبا لفظ استعمال ڪندا آهن.

سندس موجب ڪو وقت هو جڏهن پ پ وفاقي پارٽي هوندي هئي پر اڄ مولانا فضل الرحمان جي ٽانگي جي پائيدان سان لٽڪيل نظر اچي رهي آهي، معصوم ٻارن کي ٽانگي تي ويهاري ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان ان کان غافل ناهيون.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته احتجاج ڪرڻ مولانا فضل الرحمان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي پر حڪومت عوام کي يرغمال بڻجڻ نه ڏيندي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي، مخالفن کي مايوسي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.