عاطف اسلم کي ”دبئي اسٽار ايوارڊ“ سان نوازيو ويو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڳائڻي عاطف اسلم کي پنهنجي سريلي آواز سبب ”دبئي اسٽار ايوارڊ“ سان نوازيو ويو.

دبئي ۾ فنڪارن لاءِ هڪ پروقار تقريب ٿي، جتي فنڪارن کي دبئي اسٽار ايوارڊ سان نوازيو ويو.

تقريب ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ مقبول ڳائڻي عاطف اسلم به وڏو اعزاز ماڻي ورتو ۽ کيس به دبئي اسٽار ايوارڊ ڏنو ويو.

ان موقعي تي عاطف اسلم جو چوڻ هو ته دبئي هڪ اهڙو شهر آهي، جتي مان روڊن تي گهمندي پاڻ لطف اندوز ٿيندو آهيان، مان هتي ڏيڍ لک ماڻهن لاءِ به ڳايو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستاني توڙي ڀارتي هر هنڌ موجود هوندا آهن پر هيءَ اهڙي جاءِ آهي، جتي اسان وڏي انگ ۾ آهيون، مون کي اها ڳالهه پسند آهي ته منهنجي موسيقي هتي به شوق سان ٻڌي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.