آسٽريليا جي دوري لاءِ پاڪستاني اسڪواڊن جو اعلان، وڏي پئماني تي تبديلون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز لاءِ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي ٻنهي اسڪواڊن مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر طور منهنجي خواهش آهي ته اسان آسٽريليا ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏون، آسٽريليا خلاف اسان جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ ٽيم ۾ اهڙا سرپرائز پيڪيج رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ذريعي آسٽريليا کي چئلينج ڪري سگهجي.

هن چيو ته آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ رانديگرن کي ڪارڪردگي کي سڄي دنيا مڃيندي آهي، جيڪڏهن آسٽريليا خلاف ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته اسان وٽ بهترين رانديگر هجڻ گهرجن، اسان جي ٽيم ۾ نوجوانن سان گڏ تجربي ڪار رانديگر به شامل آهن.


سندس چوڻ هو ته اسان کي نوجوان رانديگرن تي اعتماد آهي ۽ انهن کي موقعا ڏئي رهيا آهيون، ڇو ته اهي ئي اسان جو مستقبل آهن، اسان مڪمل طور پراعتماد آهيون ۽ يقين آهي ته ٽيم آسٽريليا ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي.

مصباح الحق چيو ته ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ٽيم جي چونڊ ڊوميسٽڪ ميچن ۾ ٽيمن جي ڪوچن، سليڪٽرن ۽ ٻنهي فارميٽن جي ڪپتانن سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪئي وئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد جي معاملي تي پي سي بي وضاحت ڏئي ڇڏي

هن ٻڌايو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بابر اعظم ڪپتاني ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ آصف علي، فخر زمان، حارث سهيل، محمد حسنين، افتخار احمد، عماد وسيم، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد عامر، محمد عرفان، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، موسيٰ خان، شاداب خان، عثمان قادر ۽ وهاب رياض شامل آهن.

ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان اظهر علي آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ عابد علي، اسد شفيق، بابر اعظم، حارث سهيل، افتخار احمد، امام الحق، عمران خان سينيئر، ڪاشف ڀٽي، محمد عباس، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، موسيٰ خان، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي، شان مسعود ۽ ياسر شاهه جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

مصباح الحق اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي حوالي سان ٻڌايو ته کيس خراب ڪارڪردگي جي بنياد تي هٽايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.