حڪومت مدو پورو نه ڪندي، مارشل لا لڳي ته پ پ ماضي وارو ڪردار ادا ڪندي: بلاول

ڪراچي ( رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون کي نه ٿو لڳي ته ڪو عمران خان پنهنجو هي مدو پورو ڪري سگهندو، پيپلز پارٽي هميشه آمريت جو مقابلو ڪيو آهي، جيڪڏهن هاڻي مارشل لا به لڳو ته پ پ هميشه جيئا ماضي وارو ڪردار ادا ڪندي اهڙين ڳالهين جو اظهار هن گذريل ڏينهن جناح اسپتال جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽُي زرداري چيو ته جمهوريت واحد نظام آهي جنهن ۾ عوام جو اسٽيڪ هوندو آهي، سياسي انا جي ڪري پارليمينٽ کي غيرسياسي بڻايو ويو آهي، وزيراعظم تي اهو فرض آهي ته عوام ۾ اتحاد پيدا ڪري، پيپلز پارٽي هميشه آمريت جو مقابلو ڪيو آهي، بلاول چيو ته سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جيڪا ڪم ڪري رهي آهي، هر پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي اسپتالن ۾ غريبن جو مفت اعلاج ٿي رهيو آهي. بعد ۾پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد روانو ٿي ويو، جتي هو پنهنجي والد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.