ڪپتاني کسجڻ باوجود سرفراز جي ڪيٽيگري کي لهر نه لوڏو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سرفراز احمد کان ڪپتاني ته کسجي وئي پر سندس لاءِ سٺي خبر اها آهي ته عهدو کسجڻ کانپوءِ به هن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ اي گيٽيگري برقرار رهندي.

پي سي بي اختيارين موجب اڳوڻي ڪپتان جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ گيٽيگري تبديل نه پئي ڪئي وڃي ۽ هو بابر اعظم ۽ ياسر شاهه سان گڏ اي ڪيٽيگري ۾ ئي شامل رهندو.

سرفراز احمد ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺي رهيو آهي ۽ هو قومي ٽيم لاءِ چونڊجي به سگهي ٿو، تنهن ڪري ان جي ڪيٽيگري جي تبديلي جو معاملو بحث هيٺ ناهي.

هوڏانهن ريڊ بال ڪرڪيٽ فارميٽ مان وقفو وٺندڙ وهاب رياض بي ڪيٽيگري جو حصو آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر کي سي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.