بي رحم اسانجو مالهي آ, معصوم گلن جو ڇا ٿيندو.؟؟

رازقڏنوکوسو.

بدين جتي بک، بدحالي، بيروزگاري جو راڪاس روڊن تي مست ٿي گهمندو ٿو وتي، جتي لاشن کي دفنائڻ لاء ايڌي جا سرد خانا به معمول بڻيل آهن، بدين جتي ضرورتن جون سموريون شيون ساحلي پٽي ۾ سمنڊ جي ڄڻ نظر ٿي ويون آهن، اتي صحت جي ادارن جون واڳون به ڪنهن واسينگ وٽ باندي بڻيل آهن ۽ اهي صحت جي دعويٰ ڪندڙ واسينگ هر معصوم گلن کي ڏنگيندا رهن ٿا. بدين جي صحت کاتي جون صحت جي حوالي سان سموريون دعوائون ڪوڙيون ۽ ڍونگ تي ٻڌل آهن، جيڪي هزارين واقعا، قصا، ڪهاڻيون بڻجي ڪري بند فائلن جي حوالي ٿي ويون آهن.

بدين جي ساحلي پٽي تي معصوم ٻارڙن جو پراسرار بيماري ۾ زندگي کي الوداع چوڻ صحت کاتي سميت سماج ۾ ذميوارين جي دعويٰ ڪندڙ اختيارين جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، بدين جي ساحلي پٽي جي ٻن يونين ڪائونسلن سيراڻي ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي مختلف ڳوٺن ۾ 6 ٻارا مبينه ڊفيٽريا بيماري وگهي فوت ٿي ويا آهن ۽ سندن گهرن ۾ مائرن جا ماتم آهن پر ان  مامري تي بدين جي صحت کاتي جي ڪن تي ڪابه جوُن نه سري آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سندن سيني ۾ دل بدران ڪو پٿر ۽ سندن وجود ۾ انسان نه پر ڪو حيوان ويٺل آهي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته  ان سلسلي ۾ اي پي آئي  پروجيڪٽ ڊائريڪٽر  بدين ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته  بدين ضلع جي ساحلي پٽي ۾ ڊفيٽريا نالي ڪابه بيماري ناهي، بلڪه اھي ٻارڙا گلي ۾ سوڄ،  ساھ گهٽجڻ يا دل جي سوراخ وغيره جھڙين سبب بيمارين ۾ فوت ٿيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ان حساس مسئلي تي ڪا تڪڙي راءِ ڏيڻ بجاءِ مختلف رخن کان جاچ ٿيڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ منهنجي نظر ۾  بدين جي  صحت کاتي جي عملي جي غفلت ۽ نااھلي سبب ساحلي پٽي ۾ صحيح نموني ويڪسين وغيره نه ٿيڻ سبب اهڙين  بيمارين منھن ڪڍيو آهي، جنهن کي روڪڻ ۽ تڪڙا اپاءُ وٺڻ بجاء صحت کاتي جو عملو مختلف بهانا بڻائي رهيو آهي.  ان ڏس  ۾  ڪجهه ڌرين جي ڪوششين سان ڪجهه رت جا جذا به ٽيسٽ ٿيا آهن پر ان جو به ڪو جوڳو حل ۽ نتيجو نظر نه ٿو اچي. بدين جي صحت کاتي پاران چيو ويو آهي ته هن وقت تائين 54  نوان ويڪسينيٽر پڻ ڀرتي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 82 اڳي فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي 102 موٽر سائيڪل پڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي فيلڊ ۾ ٻارڙن کي ويڪسين ڪن ٿا پر تنهن هوندي به نتيجا نه ملڻ سان ڪيترائي ئي سوال جنم وٺن ٿا.

  ان بيماري جو ٻيو هي پاسو به آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال  جو چوڻ آهي ته مان  پڪ ٿو ڏياريان ته اھا ڦھلجندڙ  وبا بيماري ناهي جنھن ڪري مائٽ پريشان نه ٿين، پر سوال اهو ئي آهي ته جنهن جي گهرن ۾ معصومن جا  لاشا هوندا اهي رڙيون ڪوڪون نه ڪندا ته ٻيو ڇا  ڪندا؟  حقيقت ته اها آهي ته صحت کاتي کي الرٽ ڪيو وڃي  ته ٻارڙي کي ڄمڻ وقت ويڪسين ڪئي وڃي ته جيئن هو   ڪنهن وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رهي سگهن  پر  ڏک جي ڳالهه  ته اها آهي جو بدين جي صحت کاتي پاران بدين جي ساحلي پٽي سميت سموري بدين ۾ اهڙي اڳواٽ  ويڪسين نه ٿيندي آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته معصوم گلن جهڙا ٻار پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا آهن، هن وقت جڏهن  بدين جي ساحلي پٽي ۾ ڇهه معصوم ٻار موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن  اتي اهو به سوال آهي ته هي خون ڪنهن جي کاتي ۾ لکجن.

ساحلي پٽي جي ٻن يونين ڪائونسلز ۾ ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر پراسرار بيماري تي ڪوبه ضابطو نه اچي سگهيو . ان صورتحال تي هر آلي اک وس وارن ڏانهن نهاري رهي آهي ته ڪير آ جو سندن درد محسوس ڪندو؟؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.