پي ايس او ۾ معاهدا، نواز شريف جي اڳوڻي سيڪريٽري خلاف ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت پيٽروليم شين جي خريداري ۽ وڪري جي غير قانوني معاهدي واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت روپوش جوابدارن جا وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا، عدالت دليل ٻڌڻ بعد چيو ته ريفرنس  ٺهي ٿو، ان ڪري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪجي ٿو. نواز شريف جو اڳوڻو سيڪريٽري محمد سعيد مهدي ريفرنس ۾ جوابدار طور نامزد آهي، سينيئر جنرل مئنيجر مارڪٽينگ پي ايس او پي ايل عرفان خليل قريشي به جوابدار نامزد آهي، ريفرنس ۾ نيب الزام  هنيو آهي ته  پي ايس او اختيارين ملي ڀڳت سان پيٽروليم شين جا غير قانوني  معاهدا ڪيا، جنهن لاءِ وڏي ڪميشن ورتي وئي ۽ قومي ناڻي کي 55 ڪروڙ 24 لک 60 هزارن جو نقصان رسايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.