سنڌ صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنهه جي چاليهي تي سڄي سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو ۽ ان دوران موٽر سائيڪل جي ٻيللهه سواتي پابندي هوندي.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري پڌرائي موجب 20 آڪٽوبر تي حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو هوندو.

چاليهي جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي اجتماع ۽ نفرت جوڳي تقرير تي به پابندي هوندي.

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت وفاق کان چهلم امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي بيڪ اپ سپورٽ جي لاءِ فوج جي مقرري جي سفارش ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.