شهدادپور ۾ ايس ڊي او ون جي بار پهچي وڪيلن سان بدتميزي، احتجاج

شھدادپور (ن ع آ) حيسڪو سب ڊويزن ون شھدادپور جو عوام آزار ايس ڊي او رضوان احمد پاران وڪيل احمد علي چانڊيو جي گھر جو بجلي جوڪنيڪشن بل ڪليئر ھجڻ باوجود ڪاٽڻ بعد آن لائين ڪمپلين ڪرڻ جي معاملي  تان بدمست ايس ڊي آو شھدادپور بار پھچي وڪيل احمد علي چانڊيو ۽ ٻين ويٺل وڪيلن سان بدتميزي ڪندي گارگندڪئي. اھڙي صورتحال بعد بار جي صدر غلام مصطفيٰ سومرو جي اڳواڻي ۾ وڪيلن عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪري حيسڪو جي ايس ڊي او مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پھچي ويا.جڏھن ته ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو. ان سلسلي ۾ شھدادپور بار ايسوسيئيشن جي صدر غلام مصطفيٰ سومرو صحافين کي ٻڌايو ته ايس ڊي او شهدادپور ون غنڊه گردي جو راڄ قائم ڪري بل پياريل هجڻ باوجود ميٽر تان تارون لاهي عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين. هوڏانهن ايس ڊي او شهدادپور سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.