ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺاڻن جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

ڏهرڪي  (ت ر) ڏهرڪي ويجهوکينجهو ٿاڻي جي پوليس چوڪي گلاب اڏي تي مقرر ٿيل پوليس اهلڪارن خلاف ڳوٺ عبدالله شر جي رهواسين عبدالرحيم شر، شاهنواز شر، مرتضيٰ شر، شهزادو شر، حقنواز شر، علي بخش شر، وارث شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته  چوڪي گلاب اڏي تي مقرر  اهلڪارن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڦٽي جي واپاري شاهنواز شر دانهيندي ٻڌايو  پوليس اهلڪارن کي ڀتو نه ڏيڻ تي منهنجي دڪان تي چڙهائي ڪري مون کي مارڪٽ ڪري مون کان 95 هزار رپيا ڦر ڪيا آهن، هنن چيو ته جڏهن کان ڦٽي لهڻ شروع ٿي آهي ته  پوليس چوڪي جي اهلڪار ڦٽي کڻي ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي وارن کي بيهاري  ناجائز طريقي سان تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.