ٽانڪ: قبائلي گروپن ۾ تڪرار، 13 ڄڻا مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ ٻن قبائلي گروپن جي وچ ۾ تڪرار سبب 13 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب واقعو ٿاڻي ملازئي جي حد ۾ هن وقت پيش آيو جڏهن مبينا طور تي بيٽني قبيلي سان تعلق رکندڙ اڻڄاتل ماڻهن شربتي روڊ تي فائرنگ ڪري مروت قبيلي جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن مروت قبيلي کي واقعي جو اطلاع مليو ته هن پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي  ڳوٺ اماخيل ۾ موجود پيٽرول پمپ تي موجود ماڻهن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بيٽني قبيلي جا 2 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته بعد ۾ انعام گروپ وڌيڪ چڙ ۾ اچي دره بين روڊ تي بيٽني قبيلي جي وين تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.

فائرنگ واقعن ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال (ڊي ايڇ ڪيو) ٽانڪ منتقل ڪيو ويو.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي هٿيابندن جي خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.