کيري سان جلد جي حفاظت..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) کيرو اوهان جي صحت لاءِ بهترين آهي اهو ٻارن ۽ وڏن ۾ هڪ جيترو مشهور آهي. سائو ۽ تازو کيرو اوهان جي جلد کي به شاداب بڻائي سگھي ٿو. جيڪڏهن اوهان ان جو صحيح استعمال ڪيو ، کيرو وٽامن ڪي، وٽامن سي، ۽ وٽامن بي-1 جو بهترين ذريعو آهي. ان ۾ سلفر، مئگينيشيئم، پوٽاشيئم، ميگنيز، سليڪون، ۽ سلفر موجود هوندا آهن.

کيري جي اندر 69 سيڪڙو پاڻي جو مقدار موجود هوندو آهي جيڪو اوهان جي جلد ۾ قدرتي نمي برقرا رکندو آهي.

ان جي اندر معدنيات گھڻي مقدار ۾ موجود هوندي آهي. اهو ننهن جي صحت کي به هٿي ڏيڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. کيري جي جلد صاف، چمڪندڙ، ۽ نرم هوندي آهي ۽ ان جي اها خاصيت اوهان جي جلد ۾ به منتقل ٿي سگھي ٿي. کيرو جلد جي صفائي، سڻڀ پيدا ڪرڻ، اُس سان سڙندڙ جلد لاءِ، جلد مان گھنج ختم ڪرڻ، گرمي ۾ جلد جي ڳاڙهاڻ گھٽ ڪرڻ، سوڄ ختم ڪرڻ ۽ جلد جا داغ ختم ڪري انهن کي خوبصورت ۽ پرڪشش بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.