ننهن جو خيال ڪيئن رکجي…..!

پنهنجي ننهن کي سدائين صاف ۽ خشڪ رکو.

ننهن کي ڪاٽڻ لاءِ سدائين تيز نيل ڪٽر استعمال ڪيو.

ننهن ڪاٽڻ وقت ڪيوٽيڪل جو خيال رکو ۽ صحيع بناوٽ ۾ ڪاٽيو.

پيرن جي ننهن کي نرم بڻائڻ لاءِ روزانو گرم کاري پاڻي ۾ پير ٻوڙيو.

ننهن کي ڪاٽڻ کان پوءِ موسچرائيزنگ ڪريم سان مساج ڪيو.

وهنجڻ کان پوءِ اسٽڪ کان پنهنجي ڪيوٽيڪل کي پوئتي اڳتي وڌايو .

پنهنجي غذا ۾ ملٽي وٽامن ۽ ڏهي استعمال ڪيو.

ننهن جي چمڪ لاءِ انهن جي چوڌاري سرنهن يا ناريل جي گرم تيل جي مساج ڪيو.

ننهن کي تيزي سان وڌائڻ لاءِ گجر ۽ آئرن جو استعمال گھڻو ڪيو.

نيل پالش جو گھڻو استعمال ڪيوٽيڪل کي خراب ۽ خشڪ ڪري ڇڏيندو آهي.

ننهن کي نرم بڻائڻ لاءِ روزانو صابڻ جي پاڻي ۾ هٿ ٻوڙيو.

ليمي ۽ نارنگي جو جوس پيئڻ سان ننهن مضبوط ٿيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.