ٽنڊو ڄام: شاگردن پاران بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
ٽنڊو ڄام: شاگردن پاران بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ ٽنڊو ڄام: شاگردن پاران بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ خلاف احتجاج

 

 

ٽنڊي ڄام ۾ شاگردن پاران بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

زرعي يونيورسٽي جي شاگردن بالاچ خان ريڪي، اي ڊي بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي ملي ڀڳت سان عملدارن طرفان شاگردياڻين کي هيسائي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ شرمناڪ جو ڳو عمل آهي.

هنن چيو ته بلوچستان اڳ ئي پٺتي پيل صوبو آهي ۽ اهڙي قسم جي حرڪتن سان صوبي جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ڏکيو ٿي ويندو.

اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ملوث عملدارن سميت وائيس چانسلر کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.