مورو: ڀٽ شاهه کان گھوٽڪي ويندڙ زيارتين جي بس سان حادثو، 6 ڄڻا فوت پنجٽيهه زخمي

وامي آواز رپورٽ

مورو: ڀٽ شاهه کان گھوٽڪي ويندڙ زيارتين جي بس سان حادثو، 6 ڄڻا فوت پنجٽيهه زخمي

وامي آواز رپورٽ 

مورو: ڀٽ شاهه کان گھوٽڪي ويندڙ زيارتين جي بس سان حادثو، 6 ڄڻا فوت پنجٽيهه زخمي

موري ڀرسان سان قومي شهراهه تي ڀٽ شاهه کان گھوٽڪي ويندڙ زيارتين جي بس ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ پنجٽيهه زخمي ٿي پيا

فوتين ۾ شوڪت، ممتاز شيخ، ڊولڻ شيخ، امداد عباسي ۽ ٻيا شامل آهن

جڏهن ته زخمين ۾ جميل عباسي، محمد نواز ڇڄڙ، قادر بخش تڙت، غلام اصغر شنباڻي ۽ ٻيا شامل آهن جن مان  ته ٽن زخمين فرمان ڇڄڙ، احمد مبيجو ۽ صدام عباسي کي سيرس حالت ۾ نوابشاھ ريفر ڪيو ويو

جڏھن ته اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته روڊ حادثي ۾ زخمين کي فسٽ ايڊ ڏني جڏھن ته سخت زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ موڪليو ويو آهي

زخمين ميڊيا کي ٻڌايو ته هو ڀٽ شاھ کان گھوٽڪي وڃي رھياسين ته مورو وٽ ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب بس ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي ڪري انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي

بروقت موٽر وي پوليس پھچي اسان جي مدد ڪري اسپتال پھچايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.