فضل الرحمان جي شهباز۽ بلاول سان ملاقات طئي

اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات طئي ٿي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات 20 آڪٽوبر تي ٿيندي، ملاقات ۾ آزادي مارچ بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو، مولانا فضل الرحمان 18 آڪٽوبر تي شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو، ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف ۽ فضل الرحمان 18 آڪٽوبر تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اڳواڻ پ پ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين سان ٿيندڙ ڳالهين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا . هوڏانهن مولانا غفور حيدري، اڪرم دراني ۽ ٻين پ پ جي نيئر بخاري، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ قيوم سومرو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آزادي مارچ سميت ٻين سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي ٻئي پاسي مير حاصل خان بزنجو جي سربراهي ۾ نيشنل پارٽي جي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ مير طاهر بزنجو، مير ڪبير ۽ مولانا عبدالغفور حيدري شريڪ هئا، جنهن ۾ آزادي مارچ بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.