خورشيد شاهه وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ نيب حوالي

 

سکر (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ نيب جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي نيب عدالت آندو ويو، عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر، نفيسا شاهه، مولا بخش چانڊيو، منظور وساڻ، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جن عدالتي ڪمري ۾ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي وڌيڪ 15 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن تي خورشيد شاهه جي وڪيل اعتراض ڪندي چيو ته 29 سوالن جا جواب ڏئي چڪا آهيون، هاڻ خورشيد شاهه کي جڊيشنل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: آصف زرداري جي اسپتال منتقلي جي درخواست رد

نيب عدالت جي جج چيو ته توهان رڳو 29 سوالن جا جواب ڏنا آهن، باقي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو؟

نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه جي اڪائونٽ ۾ لکين رپيا گڏ ٿيل آهن، اسلام آباد ۾ 2 اڪائونٽ کليل آهن، جن ۾ ڪروڙين رپين جي رقم بابت به پڇڻو آهي.

خورشيد شاهه عدالت سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسلام آباد وارا 2 اڪائونٽ پارليامينٽرينز طرفان آءِ ڊي پيز لاءِ کوليا ويا هئا، انهن اڪائونٽن ۾ گڏيل صحيحون ٿيل هيون، ان اڪائونٽ ۾ تڏهوڪي نيب چيئرمين به 5 لک جمع ڪرايا هئا ۽ اها رقم باجوڙ آپريشن جي متاثرن تي خرچ ڪئي وئي هئي.

ٻڌڻي دوران عدالت پ پ اڳواڻ کان بچاڻو ڪيو ته توهان تي ڪو ذهني دٻاءُ يا جسماني تشدد ته نه ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي خورشيد شاهه جواب ڏنو ته جج صاحب نيب تشدد جو نشانو نه بڻايو آهي پر مون کي روز روز جي رمانڊ بجاءِ 3 مهينن لاءِ نيب حوالي ڪيو وڃي، عزتدار ماڻهو آهيان، روز روز جي پيشين کان تنگ ٿي ويو آهيان، جنهن ڪري منهنجي طبيعت به ناساز ٿي پئي آهي، دل ۽ آڪسيجن جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي.

عدالت خورشيد شاهه کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪندي 21 آڪٽوبر تي ٻيهر عدالت ۾پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس طبي معائنو ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.