فلم درج تي پابندي صنم سعيد کي ڏکارو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صنم سعيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن هالي ووڊ فلمن تي پابندي نه آهي ته اسان جي پنهنجي پاڪستاني فلم  “درج” تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي؟

مشهور اداڪار ۽ ماڊل صنم سعيد پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ درج جهڙين فلمن تي پابندي ڇو لڳائي  ويندي آهي؟

هن لکيو ته جيڪڏهن هالي ووڊ جهڙيون فلمون اسان جي سينيما گھرن ۾ هلي سگھن ٿيون  جن ۾ جنسي نوعيت ۽ تشدد ڏيکاريو ويندو آهي ته پوءِ اسان جي پنهنجين  پاڪستاني “درج” جهڙين فلمن کي سينيما گھرن ۾ ڇو نٿو ڏيکاري سگھجي؟

هوڏانهن شمعون عباسي جي فلم “درج” کي لنڊن جي سينيما گھرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ماڻهن طرفان ان فلم کي گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي.

ان حوالي سان شمعون عباسي به ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ماڻهو اسان کي تصويرون ۽ ويڊيوز موڪلي رهيا آهن ۽ فلم بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن، اسان سمورن ناظرين جا ٿورائتا آهيون.

واضح رهي ته هن وقت تائين پاڪستان جي سينيما گھرن ۾ فلم درج کي ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.