سنڌ جو تاريخي شھر مڪلي مالڪي جو منتظر 

شبير ڀٽي

 مڪلي شھر ايشيا کنڊ ۾ مسلمانن جي سڀ کان وڏي قبرستان جي موجودگي سبب مڪلي جڳ مشھور آھي، جتي سنڌ جي 6 سالن جي قديمي تاريخ ۽ تھذيب دفن ٿيل آھي. ساڳئي وقت مڪلي ٺٽي ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر پڻ آھي، جتي مڪلي جي جابلو ٽڪري تي سمورن سرڪاري ادارن جون آفيسون ڪاھنوار ھلڻ ۾ مصروف آھن، جيڪو شھر گذريل ڪافي عرصي کان مسئلن جو مرڪز بڻجي چڪو آھي. سرڪاري وسيلا موجود ھوندي به شھري انيڪ گھرجن ۽ بنيادي توڙي آئيني حقن کان محروم بڻيل آھي 

 5  سال اڳ مڪلي شھر جي انساني آبادي جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندڙ سنڌ سرڪار مڪلي يونين ڪائونسل مان کيس ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏيئي شھرين کي رليف ڏيارڻ واسطي فنڊ ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ھئو،  ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل انک اکرن موجب ٽائون ڪميٽي مڪلي کي ماھوار 62 لک 99 ھزار روپيه قسط جاري ٿيڻ سان گڏ واٽر سپلائي سميت شاپينگ سينٽرن جي دڪانن جي ڪراين جي وصولي بعد ماھوار 4 لک روپپه فنڊ ھئڻ جي باوجود 4 سالن جي ڊگھي عرصي ۾ شھرين کي ڪو لاڀ ملي نہ سگھيو آھي. 2016ع ڌاري بلڊنگس کاتي ٺٽي طرفان 10 لکن جي لاڳت سان ٽائون ڪميٽي مڪلي جي آفيس جي مرمت ۽ توسيع ڪئي ويئي ھئي پر ٽائون ڪميٽي جي انتظاميه  بل ٺاھي رقم وري ٽائون ڪميٽي جي فنڊن مان حاصل ڪئي، اھڙي ريت گذريل سال سولر لائٽ لڳائڻ لاء 50 لک روپين جو ٽينڊر ڪيو ويو ھئو پر سولر لائٽون ھڻڻ بدران ٺيڪيدار کي 5 پرسنٽ ڪميشن ڏئي باقي سموري رقم ھڙپ ڪري قومي خزاني کي نقصان رسايو ويو. 2016،17ع ۾ 20 لک روپيه  جو فرنيچر ريڪارڊ ۾ ڏيکاريو ويو آھي، مڪلي مارڪيٽ ۾ قائم شاپنگ سينٽر جي ڊرينيج رٿا ۾ فقط 6 عدد سيمينٽ وارا پمپ وجھي 10 لک روپيه حاصل ڪيا ويا. گرلس پرائمري اسڪول مڪلي جي پويان اعجاز علي حمائتي جي نالي سان الاٽ ھڪ ڪوارٽر جي تعمير ڏيکاري 10 لکن جو بل جمع ڪرايو ويو، جڏھن ته ڪوارٽر جي مرمت اعجاز علي حمائتي پنھنجي ذاتي خرچ تي ڪرائي ھئي، ٽيڪينڪل ڪاليج کان جماري، بروھي ۽ سمون ڳوٺن تائين پبلڪ ھليٿ جي ڏنل اسڪمين تي رقمون ٽائون انتظاميه ورتيون آھن. ٽائون ڪميٽي پاران صفائي لاء خريد ڪيل ڪل 7 چنگچي رڪشه مان رڳو 4 موجود باقي 3 ھڪ پيٽرول پمپ تي بيٺل آھن پر 7 ئي چنگچي رڪشن کي ھلندڙ ڄاڻائي ريڪارڊ ۾ في چنگچي رڪشا کي روزانو 10 ليٽر پيٽرول ڏئي ماھوار ساڍا چار لکن روپين جا ڪوڙا بل ڪڍيا پيا وڃن. اصل ۾ 4 چنگچي رڪشا کي روزانو رڳو ڏيڍ ليٽر پئٽرول ۽ ھڪ ئي واٽر ٽينڪر گاڏي کي روزانو 30 ليٽر پيٽرول ۽ 3 ليٽر ڊيزل مھيا ڪيو ٿو وڃي. ٽريڪٽر جو ڊيزل بل ماھوار نڪري پيو پر ٽريڪٽر سرزمين تي موجود ئي ناھي، اھڙي ريت تازو پيل برساتن جي ھنگامي فنڊن ۾ لکين روپين جا ھٿ ٺوڪيا بل پيش ڪري سرڪاري خزاني مان رقمون حاصل ڪيون ويون آھن. جڏھن ته پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان ڏنل واٽر سپلائي اسڪمين تي پڻ جعلسازي جي ماھرن رقمن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آھن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: استاد کي ته ماءُ، پيءُ وارو درجو مليل آهي..!!

 مڪلي ٽائون ڪميٽي ۾ قاعدن جي لتاڙ جو سلسلو جاري آھي. ٽائون ڪميٽي جي آفيس جي بغير اجازت سان ٽوڙ ڦوڙ ڪري بغير ڪنھن سرڪاري ٽينڊر جي 6 عدد دڪانن تي مشتمل شاپنگ سينٽر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڳجھ ڳوھ ۾ ٽائون انتظاميه  ۽ سيپئرا عملدارن جي ملي ڀگت جو انڪشاف ٿيو آھي، ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ موجود مسجد شريف به شھيد ڪرڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ مڪلي سٽيزن فورم جي اڳواڻن محمد دائود خاصخيلي، فرحان شمس ميمڻ، ڪامريڊ گل محمد خشڪ، شبير ڀٽي، شاھنواز بروھي، محمد علي خٽڪ، ياسر جاکرو ۽ ٻين ٽائون انتظاميه مڪلي طرفان بغير ٽينڊر ۽ بغير سرڪاري اجازت سان سرڪاري ۽ عوامي اداري جي آفيس جي ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ واري عمل کي سرڪاري اختيارن جا ليڪا لتاڙڻ ۽ مڪاني نمائيندن جي مدو ختم ٿيڻ دوران ڪرپشن ڪرڻ جي حڪمت عملي قرار ڏيندي اھڙي ھٿ ٺوڪي ترقياتي ڪم کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آھي. ھنن چيو ته ھي عمل غير قانوني آھي جنھن جي اڏاوت جو ڪم  بند نه ٿيو ته عدالت ۾ وينداسين.

 سنڌ جي تاريخي شھر ۽ ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي جي اھم ڪاروباري مرڪز مڪلي مارڪيٽ انتظامي نااھلي سبب گندگي جو مرڪز بڻجي وئي آھي، مختلف دڪانن توڙي ٽائون ڪميٽي مڪلي جي شاپنگ سينٽرن اڳيان ۽ پويان گندگي جو آزار آھي گٽر نالا به اٿلي پيا آھن، مڪلي مارڪيٽ جيڪا کاڌي پيتي جي شين جي خريداري جو مرڪز پڻ آھي جتي گندگي توڙي گٽر نالين جي اٿلڻ بعد مکين جو پڻ آزار وڌيل آھي، ساڳئي وقت کاڌي پيتي جي استعمال وارين شين کي به نقصان رسي رھيو آھي ۽ ايندڙ ويندڙ شھري گندگي جي ڍير سبب سخت متاثر ٿي رھيا آھن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:

 ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر ۽ سنڌ جي تاريخي شھر مڪلي انيڪ مسئلن جو شڪار بڻجي ويو ھزارين رھواسي ھن جديد دور ھوندي به پاڻي، روڊ، رستا، بجلي، صفائي سٿرائي ۽ ڊرينيج جي بنيادي سھولتن کان محروم آھن، نتيجي ۾ رھواسي مشڪلاتن واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻجي ويا آھن. سالن کان وٺي ھن وڏي انساني آبادي ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيا آھن نه وري ٽائون ڪميٽي مڪلي انتظاميه طرفان ڪي جوڳا قدم کڻي صفائي سٿرائي ڪرائي ويئي آھي جنھن ڪري شھر جي 7 ئي وارڊن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن. ھر ھنڌ گندگي انساني زندگين کي مفلوج ڪري وڌو آھي، ڊرينيج جو جوڳو انتظام نه ھئڻ ۽ صفائي جو فقدان برقرار رھڻ ڪري ڪنو پاڻي روڊن، رستن، گھٽين ۾ تلائن جو ڏيک ڏين لڳو آھي، جڏھن ته ٽائون ڪميٽي مڪلي جي 62 لک 93 ھزار روپيا ماھوار بجيٽ ھوندي به مڪلي شھر کي ڪي بنيادي سھولتون ملي نه سگھيون آھن. ان سلسلي ۾ مڪلي سٽيزن فورم جي اڳواڻن محمد دائود خاصخيلي، وڪيل فرحان شمس ميمڻ، ڪامريڊ گل محمد خشڪ، شاھنواز بروھي، راجه تنوير خاصخيلي، محمد علي خٽڪ،  ياسر جاکرو، اشفاق ٻجورو ۽  ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو آھي تهمڪلي شھر ۾ ھڪ ٽڪي جو بهترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آھي، خوبصورت شھر مسئلن جو ڳڙھ بنجي ويو آھي.

 ڪافي سالن کان مختلف ڳوٺن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي ھتي نه  پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو نه وري ڊرينيج جو نظام آھي نه وري ڪو صفائي سٿرائي جو عمل آھي، جنھن ڪري ھن جديد دور ۾ بہ پٿر واري دور جيان زندگي گھاري رھيا آھيون. ھنن چيو تهچونڊيل نمائيندہ ووٽ وٺي غائب ٿي ويا آھن، ٽائون ڪميٽي جي ملندڙ بجيٽ ڪاغذي ريڪارڊ ۾ ڏيکاري ھڙپ ڪئي پئي وڃي. ھن اعلي اختيارن کان مڪلي شھر کي تمام انساني ۽ بنيادي گھرجون ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي. سنڌ جو تاريخي شھر مسئلن جو شڪار ٿي ويو، ھر ھنڌ ھر پاڙي ۽ علائقي ۾ گندگين جا ڍير شھرين جو جئيڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، ناريجه ڳوٺ، حنيف خشڪ ڳوٺ علي مراد درس ڳوٺ، رسول بخش بروھي ڳوٺ، شاھ لطيف ڪالوني، شاھمراد ڪالوني، ڪرشن ڪالوني سميت ڪيترن علائقن ۾ صفائي سٿرائي جو انتظام نهھئڻ ڪري اھي انساني آباديون گندگي جو مرڪز بڻجي چڪيون آھن.  مڪلي ۾ جوڙيل سرڪاري ملازمن جي رھائشي ڪالونين جي گٽر نالن مين ھولن مٿان شڪايت باوجود ڍڪڻا لڳي نه سگھيا آھن، جنھن ڪري روڊن رستن تي راند کيڏيندڙ معصوم ٻارڙن سميت واٽھڙي بزرگن جي زندگين کي خطرو برقرار آھي.  مڪلي جي اڌ کان وڌيڪ انساني آبادين کي ناري ڇڇ واھ مان بغير فلٽر جي واٽر سپلائي وسيلي پاڻي ڏياريو پيو وڃي، جنھن لاء چيو ٿو وڃي ته اھو پاڻي انساني صحت لاء غير معياري پاڻي آھي، جنھن جي واپرائڻ سان مختلف بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن جڏھن ته ساڳئي وقت فلٽر پلانٽ سالن کان غير فعال بڻيل آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.