استاد کي ته ماءُ، پيءُ وارو درجو مليل آهي..!!

امتياز چانڊيو

آئون جڏهن ميهڙ لڳ ڳوٺ عيسيٰ خان ٿيٻو ۾ پنجين درجي ۾ پڙهڻ لاءِ ويو هيس ته اتي آئون استادن جي شاگردن پاران ٿيندڙ عزت ڏسي حيران ٿي ويو هيس، منهنجي عمر شايد ئي 9 يا 10 سال مس هئي، جيتري عزت شاگردن اتي جي (هيڊ ماستر) استاد محمد آچر، نواز چانڊيو ۽ ٻين کي پئي ڏني، اها ته مثالي هئي، ان وقت مون کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس پئي ٿيو ته واقعي ئي استاد، پيءُ ۽ ماءُ جو درجو رکي ٿو، معصوم ٻارڙا جڏهن کين اڃ پئي لڳي ۽ انهن ڪلاس کان ٻاهر رکيل مٽ مان پاڻي پيئڻ پئي چاهيو يا باٿ روم وڃڻ پئي چاهين ته پنهنجي سيٽ تان اٿي ڪنڌ هيٺ جهڪائي پتڪڙا هٿ ٻڌي، ڪلاس ۾ موجود استاد کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت پئي گهري ۽ استاد به بدلي ۾ عزت ۽ پيار ڀريي لهجي سان شاگردن کي پاڻي پيئڻ ۽ باٿ روم وڃڻ جي اجازت ڏيندو پئي رهيو، جيتوڻيڪ مون پرائمري جا چار درجا ميهڙ لڳ پنهنجي ڳوٺ گهاڙي ۾ پڙهيا، پر اتي جي استادن ۽ بابا سائين جي وچ ۾ ٿيل تلخ ڪلامي جي ڪري بابا مون کي ۽ ننڍي ڀاءُ اعجاز کي گهاڙي جي پرائمري اسڪول مان ڪڍي پنجون درجو عيسيٰ خان ٿيٻو جي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ اسان کي موڪليو هو، اتي جي استادن جو شاگردن سان پيار ڀريو لهجو اڄ به مون کان وسريو ناهي، اڄ جي تعليمي ادارن جي بگڙجندڙ حالتن کي ڏسي مون کي اڄ اهي استاد پئي ياد آيا، جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي واقعي پنهنجن ٻچن وانگر سمجهندا هئا، گذري ويل وقت جي انهن ئي استادن جي ڪري شايد استاد کي پيءُ ۽ ماءُ وارو درجو مليو هجي.

هي به پڙهي سگهو  ٿا: ٿر جا آر او پلانٽس مشينري جي قبرستان ۾ تبديل، ذميوار ڪير؟

سنڌ

گذريل ڪجهه وقت کان وٺي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي موت ۽ لمس جي شاگردياڻي سائره جي خودڪشي جي ڪوشش واري واقعي تائين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند جي موت واري معاملي تي نظر وجهبي ته سچ ته اهو لڳي ٿو ته موجوده وقت جا استاد ته پنهنجو پيءُ، ماءُ وارو درجو وڃائي چڪا آهن، استادن ۾ موجود ڪي ماستر ته بگهيڙ بڻجي ويا آهن، جيڪي ٻچن مثل شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي عزتن لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن، اهي مارڪن ۽ پوزيشنن جي چڪر ۾ نياڻين کي ڦاسائي سندن عزتن سان کيڏندا رهن ٿا، يونيورسٽين مان بار بار نياڻين جي ايندڙ رڙين ته هاڻ سڄي سماج کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ نياڻي کي ست قرآن سمجهيو ويندو آهي، هڪ نياڻيءَ جي هلي وڃڻ تي ته ماڻهو خون به بخشي ڇڏيندا آهن، ڇا نياڻين جي عزتن سان کيڏندڙ اهڙن استادن کان سنڌ جي اها تهذيب وسري وئي آهي، سنڌ ڌرتي کي به امن، پيار، محبت ۽ عزت ڏيڻ واري ڌرتي سمجهيو ويندو آهي، پر ڇا اهي ڊگريون وٺي استاد بڻجي يونيورسٽين ۾ پهچندڙ استاد پاڻ کي سنڌي سماج کان الڳ سمجهڻ لڳا آهن، جو انهن مٿان بار بار نياڻين جون عزتون نيلام ڪرڻ وارا الزام لڳي رهيا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خوراڪ جي کوٽ، سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلا

نمرتا ڪماري جي موت جي اڃا تائين مڪمل جاچ ئي نه ٿي سگهي آهي، سندس موت ته سواليه نشان بڻيل آهي، ان جي موت کان پوءِ سندس موت جي ذميوارن کي ته ان ڪري فائدو مليو جو اها پاڻ موجود ئي ناهي، پر هاڻ جڏهن لمس جي فارميسي شعبي ۾ پڙهندڙ فورٿ ايئر جي شاگردياڻي سائره ڌيءُ لال محمد، پنهنجي ٻانهن ڪٽي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کانئس جڏهن سبب پڇيو ويو ته هن خودڪشي ڪرڻ جو ذميوار ٻن استادن کي قرار ڏيندي چيو ته استاد شفقت رضوي جا هڪ شاگردياڻي سان غلط قسم جا لاڳاپا آهن، اهو استاد ان ڇوڪري کي پيپر آئوٽ ڪري اڳواٽ ڏيندو رهيو آهي، ان ڇوڪري جي چوڻ تي استاد شفقت رضوي کيس 5 سپليون لڳرايون استاد شفقت ۽ سندس دوست استاد احسان ميمڻ سندس سميت ٻين ڇوڪرين جي ڪردار ڪشي ڪندا رهندا آهن، جنهن خلاف لاڳاپيل اختيارين کي شڪايت ڪئي پر فارميسي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ناهيد ميمڻ سندن ڪا به مدد نه ڪئي، استاد کيس حراسا ڪن ٿا، تنگ ٿي هن انتهائي قدم کنيو. سائره جي اهڙي بيان کان پوءِ ته ڪرڻو اهو هو ته فورن انهن استادن کي معطل ڪري سندن خلاف اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي ها، جيڪڏهن هو ذميوار آهن ته کين سخت سزا ملڻ گهرجي.

اسان وٽ اڳ ۾ ئي نياڻين جي تعليم پٺتي پيل آهي، عام ماڻهن کي هر وقت ذهنن ۾ اهو خوف هوندو آهي ته متان سندن نياڻي تعليم جي ئي حوالي سان گهر کان ٻاهر نڪري ۽ ڪو اهڙو واقعو پيش اچي، جنهن سان سندن ڪنڌ جهڪي وڃي، تنهن ڪري اهڙو سون ئي گهريو جيڪو ڪن ڇني واري پهاڪي جيان سوچي عام ماڻهو نياڻين کي تعليمي ادارن تائين موڪلڻ کان لنوائيندا رهندا آهن، وري مٿان جيڪڏهن اعليٰ تعليمي ادارن جن ۾ اعليٰ تعليم يافته استاد مقرر ٿيل هجن، انهن ۾ نياڻين کي ايتري حد تائين حراسا ڪيو وڃي جو اهي تنگ ٿي پنهنجون زندگي وڃائڻ تي مجبور ٿي وڃن ته پوءِ ڪير هوندو، جيڪو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ موڪليندو، اهڙا واقعا ٿين جو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي نياڻيون موٽڻ بجاءِ سندن خوفناڪ موت جي واقعن کان پوءِ وارا لاش گهر اچن ته ڪنهن جي دل چوندي ته پنهنجي نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ موڪلي ۽ جيڪڏهن عام ماڻهن خوف کان پنهنجن نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو ته پوءِ نقصان وري به هن معاشري جو ٿيندو، جنهن ۾ ڪا به ماءُ پڙهيل لکيل، ڊاڪٽر يا انجنيئر نه هوندي ۽ ان جو نقصان ايندڙ نسلن کي ٿيندو، تنهن ڪري اهڙن بگهيڙن جيڪي استاد جي روپ ۾ ادارن ۾ موجود آهن، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي انهن کي سخت سزا ملڻ گهرجي ته جيئن اهڙي قسم جو واقعو ٻيهر ڪير ڪرڻ لاءِ سوچي به نه سگهي ۽ استادن جي ماءُ ۽ پيءُ وارو درجو قائم رهي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.