ڪراچي ۾ هڪ ئي وقت ٻن گهرن مان ڦرلٽ، پوليس اگهور ننڊ ۾

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ تيزي اچي وئي. هڪ ئي رات ۾ هڪ هنڌان ٻن  گهرن مان ڏوهارين ڦرلٽ ڪئي. ماڙيپور ٿاڻي جي حد بحريه سوسائٽي ۾ 8 جوابدارن رات جو پوڻي 3 وڳي ٽرانسپورٽر فردوس جي گهر ۾ ڦرلٽ ڪئي. هٿياربندن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 15 تولا سون، 3 لک روڪ، 5 قيمتي موبائل فونز ڦر ڪيا. هٿياربند ٽن ڪلاڪن تائين گهر ۾ موجود هئا. هڪ ٻئي گهر مان به هٿياربندن ڦرلٽ ڪئي. ٻنهي گهرن مان مجموعي طور 100 تولا سون، 45 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو.043041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.