قومپرستن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن طرفان مڪاني چونڊون گڏجي وڙهڻ جو فيصلو

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي مختلف قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن گڏيل طور ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڪالهه قاسم آباد ۾ ايس يو پي، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، پي ٽي آءِ، مرزا گروپ ۽ سول سوسائٽي جي مختلف اڳواڻن جي صلاح مشوري لاءِ گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ مختيارعباسي، مصطفيٰ بلوچ، محبوب ابڙو ۽ روشن ٻرڙو تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏيندا. گڏجاڻي ۾ ايس يو پي جي اڳواڻن روشن ٻرڙو، مختيار ميمڻ، انور خاصخيلي، سميع چانڊيو، عوامي تحريڪ جي عبدالحئي ڀٽو، ابرار ابڙو وڪيل، سليم ٻڌ، عوامي جمهوري پارٽي جي ادي نظير قريشي، علي احمد لغاري ، عوامي ورڪرز پارٽي جي اديب رتڙ، پي ٽِي آءِ جي عبدالحميد هنڱورو، مرزا گروپ جي محبوب ابڙو سميت سماجي اڳواڻن مصطفيٰ بلوچ، مختيار عباسي، پروفيسر خورشيد شيخ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ا يندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ قاسم آباد تڪ تي قومپرست پارٽين، مرچنٽ ايسوسيئيشن، سول سوسائٽي گڏيل اميدوار بيهاريندي. گڏجاڻي ۾ تجويزون ڏنيون ويون ته قاسم آباد جي قومپرست پارٽين، مرچنٽ ايسو سيئيشن ۽ سول سوسائٽيءَ تي مشتمل قاسم آباد اتحاد يا ٻئي ڪنهن نالي تي گڏيل اتحاد ٺاهي اليڪشن ۾ حصو ورتو وڃي، جڏهن ته مختيارعباسي، مصطفيٰ بلوچ، محبوب ابڙو ۽ روشن ٻرڙو تي مشتمل هڪ ڪميٽي ٺاهي ويئي، جيڪا باقي رهيل ڌرين سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري کين اتحاد ۾ شامل ڪندا ته جيئن اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهجي. ايندڙ گڏجاڻي 20 آڪٽوبر ايندڙ آچر تي رکي ويئي.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.