ڊي جي رينجرز پاران ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم خلاف ونگ ڪمانڊر کي هدايتون

ڪراچي (م ڊ) ڊي جي رينجرز سنڌ پاران ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هن  ونگ ڪمانڊر کي اسٽريٽ ڪرائيم  جي خاتمي جون ذميواريون ڏئي ڇڏيون. رينجرز کي پوليس سان گڏ ملي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊفينس، ڪلفٽن، ملير، ڪورنگي سميت ٻين علائقن ۾ وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي.ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر احمد  بخاري رات دير سان مختلف علائقن جو دورو ڪيو. امن امان ۽ اسٽريٽ ڪرائمز جي روڪٿام جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو.ڊي جي رينجرز شهرين سان ڳالهه ٻولهه ۾ رينجرز طرفان مڪمل تعاون جو به يقين ڏياريو . 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.