واپارين پاران وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود کي هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي( م ڊ) واپارين حڪومت خلاف احتجاج ڪندي وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.فيڊريشن چيمبرز آف ڪامرس سرڪار جي معاشي پاليسين تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڳرن ٽيڪسن ۽ غير ضروري ڊيوٽين نه صرف برآمد پر معاشي رفتار کي به سست ڪيو آهي. فيڊريشن جي سينئر نائب صدر مظهر ناصر چيو ته ملڪ ۾ معاشي معاشي بدامني جو راڄ آهي. واپارين چيو آهي ته سرڪار آسان ڪاروبار پاليسي تي عمل نه پيو ٿئي. سرڪار جو سمورو ڌيان صرف ٽيڪس گڏ ڪرڻ تي آهي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.