لاهور ۾ عورت کي نامناسب تصويرن ذريعي بليڪ ميل ڪندڙ گرفتار

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ايف آءِ اي نامناسب تصويرن ذريعي عورت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي موجب متاثر عورت انيتا شڪايت  ڪئي هئي ته جوابدار پرويز اڻ وڻندڙ تصويرن ذريعي هن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار جي موبائل فون مان تصويرون ۽ ٻيو مواد به هٿ ڪري ورتو آهي. جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.