لاهور ايئرپورٽ تي مسافر جي قيمتي ٻلي گم، جاچ شروع

لاهور (م ڊ) سعودي عرب کان لاهور ايندڙ مسافر جي قيمتي ٻلي گم ٿي وئي، جنهن جي دانهن تي سول ايوي ايشن اختيارين معاملي  جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،سعودي عرب جي شهر جدي کان عظيم نالي مسافر ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي ايئر لائن جي اڏام ذريعي لاهور ايئرپورٽ پهتو هو،مسافر موجب مان جدي کان ٻه قيمتي ٻليون بڪ ڪرايون هيون، جن مان هڪ گم ٿي وئي،ان ڏس ۾ سول ايوي ايشن اختيارين جو چوڻ هو ته مسافر جي دانهن تي جاچ جاري آهي، ان حوالي سان سعودي ايئر لائن کي به خط لکي ڇڏيو آهي،ذريعن موجب علاما اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ لاءِ ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائن (سي سي ٽي وي) فوٽيج ذريعي به مدد ورتي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.