اسٽريٽ ڪرائم وڌڻ جو سبب خراب معيشت آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽ : جي ايم کوکر )موڪل واري ڏينهن وڏي وزير جا ڪراچي شهر جا اچانڪ دورا،مسلسل 8 ڪلاڪ ڪلين ڪراچي مهم جو جائزو ورتو، مختلف علائقن ۾ روڊن تي ڪچرو ڏسي دڪاندارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ، عمل نه ڪندڙ عملدارن کي فارغ ڪرڻ جي آخري وارننگ به ڏئي ڇڏي، جڏهن ته دوري جي دوران پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن پنهنجي ئي وڏي وزير جي خلاف احتجاج ڪيو،ان سلسلي ڪلين ڪراچي مهم جي هفتي جو حساب وٺڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر واري موڪل جي ڏينهن ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا، ڀينس ڪالوني ۾ جهيڙي دوران وڏو وزير گاڏي مان نڪري پيو ۽ جيالن کي خاموش ڪرايو، پراڻي گوليمار تي وڏي وزير جي آمد تي پيپلزپارٽِي جا جيالا پنهنجي ئي وڏي وزير مٿان ڪاوڙجي پيا، وڏي وزير کي چيو ته ٻاهر روڊ تي بيٺا آهيون، علائقي جي اندر هلو ڏسو ته ڪهڙو حشر لڳو پيو آهي جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني وچ ۾ اچي احتجاج ڪندڙن جيالن کي تسلي ڏني جڏهن ته صدر موبائيل مارڪيٽ ۾ ڪچرو ڏسي وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين عملدارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو، ان موقعي تي سندس صوبائي وزير سعيد غني، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، سيڪريٽري بلديات روشن شيخ، ڊي جي سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي آصف اڪرام، ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ اسدالله خان، پي ڊي ڪراچي پيڪج ۽ ٻيا گڏ ھئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀ کان پھرين عبدالله ھارون روڊ پھتو، جتي ھن ڪمشنر ڪراچيءَ کي ھدايت ڏني ته ڊسٽ بن روڊ تي رکرائي ۽ جيڪڏھن ڪو به دڪاندار روڊ تي گند ڪچرو اڇلائي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان بعد وڏو وزير صدر اليڪٽرانڪ مارڪيٽ پھتو ته اتي روڊ تي موجود ملبو ۽ ڪچرو ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، ھن چيو ته ڊسٽ بن موجود ھئڻ باوجود دڪاندار ڪچرو روڊ تي ڇو اڇلائي رھيا آھن. انھيءَ کانپوءِ موبائيل مارڪيٽ وٽ پڻ ڪچرو ۽ ڪيبل اوپن ڏسي ڪري وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظھار ڪيو ۽ ھن ڪمشنر ڪراچي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ ضلعي موبائيل مارڪيٽ وارن کي ھڪ ڀيرو سمجھائڻ جي ھدايت ڪئي. ھن ڪمشنر کي ھدايت ڏيندي چيو ته جيڪڏھن اھڙي طرح جي روش ھلندي رھي ته جرمانو لڳائڻ شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير ايس ايس پي ڏکڻ کي ھدايت ڪئي ته اوھان ڪنھن شام ڌاري دڪاندارن کي سمجھايو ته صفائيءَ جو ڀرپور خيال رکيو وڃي ۽ انھن کي گندگي پکيڙڻ کان روڪيو وڃي. وڏي وزير جعفر طيار سوسائٽي جو دورو ڪيو ۽ اتي ماڻھن سان پڻ مليو. وڏي وزير ملير مرغي خاني اسٽاپ جو معائنو ڪيو ۽ يو سي خدا آباد ملير ۾ موجود حددخلين تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ايس ايس پي ملير کي قبضا مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته مان لينڊ مافيا کي قبضا ڪرڻ جي ھرگز اجارت نه ڏيندس. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 12000 روڊ دائود چورنگي جو معائنو ڪيو. سيد مراد علي شاهه جي ڀينس ڪالوني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪارڪنن جيئي ڀٽو جي نعرن سان آجيان ڪئي ۽ گل نڇاور ڪيا. هن منگھو پير روڊ تي ڊگري ڪاليج سامھون جي ٽي ايس جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ڪاليج سامھو جي ٽي ايس بڻائڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ته سندس ٻڌايو ويو ته ڊگري ڪاليج ڪافي عرصي کان بند آھي. وڏي وزير ڪاليج بند ھئڻ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ڪاليجز کان رپورٽ گھري ورتي ، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر وفاقي سرڪار کان حساب گهرن، مان به ڊي ايم سيز کان فنڊن جو حساب وٺندس ۽ اسيمبلي ۾ حساب ڏيندس، وڏو وزير آچر تي شهر ۾ صفائي صورتحال جو جائزو وٺڻ نڪتو ته پاڪ ڪالوني ۾ شهرين کيس روڪي ورتو۽ پاڪ ڪالوني اندر وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو، وڏي وزير جلد علائقي جي دوري جو واعدو ڪيو، وڏي وزير شهر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان شهر جي 6 ڊي ايم سيز کان 2 لک 82 هزار ٽن ڪچرو کڻايو آهي، جڏهن ته سنڌ سالڊ ويسٽ کان 2 لک 8 هزار ٽن ڪچرو کنيو، آخري حصي ۾ اهو ڪچرو لينڊ فلنگ سائٽس تي موڪليو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته 100 سيڪڙو نه ته 90 کان 95 سيڪڙو صفائي ڪنداسين، اسان جي ميڊيا کان شڪايت آهي ته اها اسان جا مثبت ڪم نٿي ڏيکاري، شهر ۾ ڪچرو کڻڻ يا صفائي ڪئي ان جو ڪريڊٽ به اسان کي ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان مهانگو فون ته وٺون ٿا پر ڪچري لاءِ ڪو انتظام نٿا ڪريون، عوام به پنهنجي ذميوارين جو مظاهرو ڪري، هن چيو ته وفاقي حڪومت کان ڪم ڪرائڻ منهنجي ذميواري آهي، ان ڪري بار بار خط لکان ٿو، گرين لائن منصوبي تي ڳالهايو، بسون ڪٿي آهن، ڇو نه پيون هلن؟ ماڻهو سنڌ سرڪار خلاف ئي پيا ڳالهائن، وفاقي سرڪار جي ذميوارين تي به نظر وجهن، هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو معاشي بدحالي سبب آهي، هن چيو ته مان سنڌ اسيمبلي، پنهنجي قيادت۽ سنڌ جي عوام کي جوابده آهيان، مهانگائي جي طوفان جو وفاقي سرڪار کان حساب ورتو وڃي، نااهلي جو حساب به انهن(وفاقي سرڪار) کان ورتو وڃي، هن چيو ته مون ڏٺو آهي ته روڊن جي حالت خراب آهي، اسان انهن جي مرمت تي ڌيان ڏينداسين،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.