هٿياربند فوج ڪنهن به مس ايڊوينچر جو ڀرپور جواب ڏيندي: ايئر چيف

راولپنڊي( م ڊ) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج ڪنهن به مس ايڊوينچر جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 140 هين لانگ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي.  پاس آئوٽ ٿيندڙن ۾ سعودي عرب، فلسطين، بحرين ۽ سريلنڪا جا نوجوان پڻ شامل آهن.پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان تقريب جو خاص مهمان هو جنهن پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيٽڊٽس کي ايوارڊز پڻ ڏنا. خاص اعزازي شمشير بٽالين سينيئر انڊر آفيسر عثمان ساهد کي ڏني وئي.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.