لاڙڪاڻي واسي پروفيسر جي قيد جا بند نه ٽٽا، گهر ۾ ڪهرام، بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل ايليمينٽري ڪاليج جي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن پروفيسر جون تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي نعريبازي به ڪئي. ان موقعي تي نثار احمد ڪلهوڙو، بشير احمد ڪلهوڙو، محمد علي ڪلهوڙو، امتياز علي ڪلهوڙو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته گذريل 28 جون تي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي رات جي وقت سندس شيخ زيد ڪالوني واري رهائشگاهه مان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي 3 مهينا 14 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ان جي باوجود کيس آزاد ناهي ڪيو ويو. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.6

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.