باڊهه ۾ پوليس اهلڪار جي آزادي لاءِ احتجاج

باڊھه (ن ع  آ) ٺل شهر مان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل پوليس اهلڪار قالو خان نوناري جي بازيابي لاءِ باڊھه ۾ نوناري ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران تنظيم جي صوبائي نائب صدر ذوالفقار علي نوناري، تعلقه آرگنائيزر صحافي علي رضا نوناري، ڪامريڊ اصغر نوناري، احمد بشير نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين  چيو ته هڪ پوليس اهلڪار جو هٿياربندن هٿان اغوا ٿيڻ مقامي پوليس انتظاميه جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿو. هنن جيڪب آباد جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته مغوي پوليس اهلڪار قالو نوناري کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي سندس خاندان ۽ نوناري برادري ۾ پيدا ٿيل پريشاني ختم  ڪئي وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيسيتائين پوليس اهلڪار ڪالو خان نوناري کي بازياب نه ڪرايو ويندو تيسيتائين احتجاج جاري رهندو.6

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.