ڪوٽڏيجي پوليس پورهيت کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، احتجاج

 

ٽنڊومستي(رپورٽ : صفي ﷲ جتوئي ) ڪوٽڏيجي پوليس هٿان زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل پورهيت عبدالڪريم چڍڙ سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج دوران ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪوٽ ڏيجي پوليس 3 ڏينهن اڳ سيال موري اسٽاپ وٽ پهچي مونکي ۽ منهجي ڀاءُ عبدالجبار چڍڙ کي زبردستي کنڀي کڻي وئي هئي، جنهن بعد مختلف هنڌن تي لڪائڻ کانپوءِ گذريل رات ڪوٽ ڏيجي پوليس منهجي اکين تي پٽيون ٻڌي ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي،ان موقعي تي زخمي پورهيت جي وارثن عبدالستار چڍڙ ،سهراب علي ،عبدالطيف ،عارب علي ۔منٺار ۔هاشم ۔نظام ۔رسول بخش برڪت علي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيدي چيو ته ڪوٽ ڏجي پوليس جڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري عبدالڪريم کي بيگناهه زخمي ڪيو آهي، هنن  مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.6

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.