وڏي وزير طرفان ملير جو دورو، گندگي تي انتظاميا کي ڇنڊ

 

ملير (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ملير جي مختلف علائقن جو دورو ڪري گندگي تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽي.

ڪراچي ۾ صفائي مھم جي سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير جي مختلف علائقن ملير پندرھن، جعفر طيار سوسائٽي، ٻڪرا پڙي، قائدآباد، مرغي خاني اسٽاپ، دائود چورنگي ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪيو.

سيد مراد علي شاھه خلد آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ ٻڪرا پڙي ۾ اڏاوتن دوران گڏ ٿيل ڪچرو روڊ تي ڦٽو ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته ڪالهه ھدايتون جاري ڪرڻ باوجود ان جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ڪجهه عملدارن کي عھدن تان فارغ ڪيا ته پوءِ انھن کي ڳالھه سمجھه ۾ ايندي.

ھن ايس ايس پي ملير کي قبضا مافيا خلاف ڪارروائي جي پڻ ھدايت ڪئي.

دوري دوران صوبائي وزير سعيد غني، مرتضيٰ بلوچ، مرتضيٰ وھاب، ايم پي اي راجا رزاق، سليم بلوچ ۽ ٻيا وڏي وزير سان گڏ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.