هٿياربند فوج ڪنهن به اڳرائيءَ جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي: ايئر چيف

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فضائيا جي سربراه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو آهي ته هٿياربند فوج ڪنهن به مس ايڊوينچر جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 140هين لانگ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، پاس ٿيندڙن ۾ سعودي عرب، فلسطين، بحرين ۽ سريلنڪا جا ڪيڊٽس به شامل آهن.

پاڪ فضائيا سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان تقريب جو خاص مهمان هو، جنهن پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.

خاص اعزازي شيلڊ شمشير بٽالين سينيئر انڊر آفيسر عثمان شاهد کي ڏني وئي، جڏهن ته صدارتي گولڊ ميڊل ڪمپني سينيئر انڊر آفيسر ايوب کي ڏنو ويو.

جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين اوورسيز گولڊ ميڊل فلسطين جي انڊر آفيسر البازور کي ڏنو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو ته هٿياربند فوج کي دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پنهنجي قربانين تي فخر آهي ۽ پاڪستان جي تجربي ڪار هٿياربند فوج هر قسم جي اندرين توڙي ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.