خوراڪ جي کوٽ، سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلا

حسيب لطيفي 

پاڪستان ۾ لکين ايڪڙ زمينون غير آباد آهن، پاڪستان ۾ زمين مان 51 سيڪڙو هاڻ آبادي لائق ناهي رهيو، انهن غير آباد زمينن جو گهڻو حصو سنڌ ۾ به آهي، سنڌ سان پنهنجي حصي جي پاڻيءَ ۾ ناانصافيون ڪرڻ وارو الميو ته پراڻو آهي، پر جنهن انداز سان زرعي زمينون رهائشي اسڪيمن ۽ نون شهر جي صورت ۾ رهائش جي لاءِ ڏنيون پيون وڃن ان مان ان ڳالهه جو به خدشو آهي ته زرعي سماج اندر ان قسم جي صورتحال ڪيترن ئي مسئلن کي جنم ڏيندي.

سنڌ جو ٿر هجي يا اڇڙو ٿر، جابلو علائقا هجن يا ڪوهستان، اتر جا علائقا هجن يا لاڙ هر طرف پاڻي جي کوٽ جون دانهون ٿينديون رهيون آهن، ٻه ڏينهن پهرين حيدرآباد جي هڪ دوست سنڌو درياهه جو هاڻوڪو فوٽو موڪليو هو جنهن ۾ ڏٺو پئي ويو ته درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ جو فائدو وٺندي وڏا ڊمپر غير قانوني طريقي سان درياهه مان مٽي کڻي وڃي رهيا آهن، درياهه جي اندر وڏيون مشينون بيٺل آهن، هڪ طرف سنڌ جي ساحلي پٽي برباد ٿي رهي آهي جتي هاڻ انسان جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي ته ٻئي طرف ڊيلٽا ۾ گهرج موجب مٺو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، هڪ طرف پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي برباد ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف وڏا سرمائيدار وڏين رهائشي اسڪيمن ۽ نون شهرن جي اڏڻ جي نالي تي لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون قبضي ۾ آڻي رهيا آهن، زرعي زمينون هاڻ رهائشي اسڪيمن جي حوالي ٿي ويون آهن، هڪ سازش تحت زرعي زمينن کي وڏن سرمائيدارن جي حوالي ڪري هڪ طرف زراعت کي نقصان پهچايو پيو وڃي ته ٻئي طرف خوراڪ جي کوٽ جهڙي اهم مسئلي کي وڌايو پيو وڃي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جنهن جي معيشيت جو گهڻو دارومدار زراعت تي پڻ آهي، پر پاڪستان ۾ زرعي سڌارا آڻڻ يا زرعي پيشا ماڻهن کي سندن حق ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر زراعت جي شعبي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ هارين ۽ پورهيتن کي ڪڏهن به سندن جائز حق ناهي ملي.

هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو زمين آبادي لائق نه رهي آهي ۽ آبادي لائق نه رهڻ واري ان زمين جو وڏو حصو سنڌ ۾ پڻ آهي، ملڪ جي 14 ضلعن سميت سنڌ جي 3 ضلعن ۾ 8 لک ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، 2020ع ۾ مڪمل ٿيندڙ هن منصوبي ۾ 500 ايڪڙ زمين آباد ڪرائي آبادگارن کي معاشي لاڀ ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي ويندي. زرعي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان جي 51 سيڪڙو زمين آبادي لائق نه هجڻ سبب وڏي پئماني تي کاڌ خوراڪ جو بحران پيدا ٿيندو، ملڪ جي زمين جو وڏو حصو ٿريالو ۽ غير آباد هجڻ ڪري ملڪ سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، اهڙي بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ غير آباد زمينن کي آبادي لائق بنائڻ لازم قرار ڏنو پيو وڃي. يو اين ڊي پي پاران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آگاهه ڪري سندن سهڪار سان غير آباد ۽ ٿريالي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ خاص پروگرام پڻ هلندڙ آهي. يو اين ڊي پي پاڪستان طرفان وفاقي ۽ چئني صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي 51 سيڪڙو ٿريالي ۽ بنجر پيل زمين کي آبادي جي لائق بڻائڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي.

ملڪ جي 14 ضلعن ۾ مجموعي طور تي 8 لک ايڪڙ ٿريالي ۽ ڏڪر وارن علائقن جي زمينن کي زراعت جي لاءِ آباد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو 2015ع کان شروع ٿيو آهي، جيڪو هدف حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو. منصوبي تحت هن وقت تائين 500 ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي چڪي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو ملڪ جي اڌ زمين غير آباد هجڻ سبب خوراڪ جي کوٽ جو ايندڙ وقت ۾ وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. جنهن سان پاڪستان ۾ سماجي، ماحولياتي ۽ معاشي مسئلا سنگين صورتحال اختيار ڪري ويندا. سنڌ جا 3 ضلعا ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ شامل آهن، هلندڙ منصوبي لاءِ 372 ملين جي بجيٽ رکي وئي آهي. جنهن ۾ 2 لک ٿريالي ۽ غير آباد زمين آباد ڪئي پئي وڃي. مقامي ماڻهن کي ٿر ۾ زمين آباد ڪرائي معاشي طور خوشحال ڪرڻ لاءِ سولر واٽر پمپ لڳائي ڏيڻ سميت برساتي پاڻي جمع ڪرڻ لاء ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پڻ ڏنا پيا وڃن. منصوبي ۾ وڌ کان وڌ عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪيو پيو وڃي.

يقيني طور تي اهڙي منصوبي سان کاڌ خوراڪ جي کوٽ واري مسئلي کي هڪ حد تائين محدود يا هڪ جڳهه تي روڪي سگهجي ٿو، پر اهو مستقل حل ناهي، جڏهن ته ماحولياتي، سماجي ۽ معاشي مسئلن سان پڻ مقابلو پڻ ڪرڻو پوندو، اهڙي منصوبي جي ڪاميابي سان سنڌ سميت ملڪ مان غربت جي گهٽتائي ۾ مدد ملي سگهي ٿي، ڇو ته پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ نٿو لڳي ته پاڪستان مان غربت جو خاتمو اچي سگهي ٿو، ان لاءِ رياست جي ذميوار ادارن سميت سمورن ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.