عمرڪوٽ لڳ پوليس اهلڪارن جو عورتن تي تشدد، 2 زخمي

عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري) يونين ڪائونسل ڪپلور جي ڳوٺ سهراب نهڙي تي روينيو عملي جي پوليس اٽالن سان چڙهائي زمين تان قبضو خالي ڪرائڻ جي ڪوشش عورتن طرفان مزاحمت مزاحمت ڪندڙ ٻه عورتون سخت زخمي عمرڪوٽ روينيو عملي پوليس سان گڏجي ڳوٺ سهراب نهڙي تي چڙهائي ڪري نهڙي برداري جي پوکيل زمين ڀيلائڻ جي ڪوشش ڪئي ڳوٺاڻن طرفان روڪڻ تي روينيو عملي سان گڏ آيل مرد پوليس اهلڪار عورتن ۽ ڳوٺاڻن تي  ڪڙڪي پئي ٻه عورتون رحمت زال اميد علي ۽ صاليحان نهڙي زخمي ٿي پيون نهڙي برادري جي ماڻهن دانهيدي چيو ته ارباب گروپ سان تعلق هئڻ ڪري سياسي انتقام وٺي پوليس جي مدد سان اسان جي اباڻين زمينن تي قبضو ڪري اسان مسڪينن سان ظلم ڪيا پيا وڃن پوليس ۽ روينيو کاتي جي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.