پاڪ فوج سربراهه ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي ڪمانڊر ۾ ملاقات

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پيپلز لبريشن آرمي جي سدرن ٿيٽر ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايڊمرل يوآن يو بائي وچ ۾ ملاقات ٿي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف ۽ ڪمانڊر پي ايل اي سدرن ٿيٽر ڪمانڊ وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ پيشيوراڻي نوعيت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.