سعودي عرب طرفان شام ۾ ترڪ فوج جي ڪارروائين جي مذمت

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب اتر اوڀر شام جي ڪرد علائقن ۾ ترڪ فوج جي هٿياربند آپريشن کي ”جارحيت“ جو نالو ڏئي ڇڏيو.

رياض حڪومت موجب ان آپريشن سان خطي جي سلامتي ۽ جهادي عنصرن خلاف جنگ متاثر ٿيندي.

سعودي پرڏيهي وزارت ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ترڪ فوج جي ان جارحيت سان نه رڳو علائقائي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي پر ان جا خطي ۾ استحڪام تي به ناڪاري اثر پوندا.

سعودي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو ترڪ فوجي آپريشن دهشتگرد گروپ اسلامڪ اسٽيٽ خلاف عالمي جنگ کي به متاثر ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.