بدين ۾ سارين جا اگهه ڪيئن ڪريا؟

رازق ڏنو کوسو

شوگر اسٽيٽ جو درجو ماڻيندڙ بدين ضلعو هڪ طرف قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ شامل آهي، ضلعي جي معيشت زراعت آھي، 1998 جي سروي مطابق بدين جي ڪل آبادي جو 83.6 سيڪڙو ماڻهو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ آھن، جن جو گذارو زرعي زمينن جي پوک ۽ ھارپ تي آھي، پر مسلسل سوکڙي سبب هتان جي ماڻهن سخت تڪليفن کي منهن ڏنو. سڄو سال بدين جا آبادگار پاڻي جي کوٽ خلاف جدوجهد ۾ رهيا، بدين کان حيدرآباد ۽ اسلام آباد تائين احتجاج ٿيا، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان هئا، پاڻي جي کوٽ ڪري لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ کان رهجي وئي، پر جڏهن ھن وقت لاڙ جي آبادگار ن جو سارين جو فصل لٿو آھي ته سرڪار طرفان اڃان تائين ڪوبه اگهه مقرر نه ٿيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو واپاري هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري  آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پهچائي رهيا آهن، جيڪا آبادگار ن سان ويساهه گهاتي آهي.

 هڪ طرف اگهه نه هجڻ ۽ ٻئي طرف اڳ ئي فصل تي وياج وٺي فصل آباد ڪندڙ آبادگار قرضي لڳا پيا آهن، مٿان وري منافعي خورن به ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي،  وڏن وياجن ۽ تڪليفن سان جڏھن سارين جو فصل لھڻ تي آيو آھي ته سرڪار اگهه مقرر ڪرڻ بجاءِ مارڪيٽ ۾ منافعي خورن واپارين بنا ڪنھن ڊپ خوف ھٿ ٺوڪيا اگھ لڳائي سارين جي خريداري ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ڏئي رھيا آھن جڏھن ته ننڍن شھرن ۾ 11 سئو روپيا في مڻ ساريون خريد ڪيون پيون وڃن پر مختلف سبب ڄاڻائي في مڻ تي چار کان پنج ڪلو ڪٽ پڻ هنيو ٿو وڃي، جنهن ڪري واپاري بچت بدران ڪنگال ٿيندا پيا وڃن، جڏهن ته منافعي خور واپاري منافعو ڪمائي رھيا آھن پر ڪير به انھن منافعي خور واپارين کان پڇڻ وارو نه آھي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اچو ته سنڌ جي نياڻين جي حوصلا افزائي ڪريون

بدقدسمتي اها به آھي جڏھن به ڪو فصل لھي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته ان جو ريٽ مقرر ڪرڻ سرڪار جو ڪم ھوندو آھي پر ھتي وري ابتڙ اھو ڪم اھي منافعي خور واپاري ئي ڪن ٿا جيڪو به اگھ وٺن سندن ھٿ ۾ ھوندو آھي ڪير به رڙ نه ٿو ڪري سگهي آبادگار ويتر غريب کان غريب ٿيندا پيا وڃن جڏهن ته واپاري ڪروڙ پتي بنجي رھيا آھن، سئو ايڪڙ جو زميندار موٽر سائيڪل تي ۽ ان کان فصل خريد ڪري منافعو ڪمائيندڙ لگزري گاڏي ۾ گھمندي ڏٺا ويا آھن .

هي به پڙهي سگھو ٿا: سنڌ ۾ معياري تعليم اڃا تائين خواب بڻيل!

لاڙ ۾ شوگر اسٽيٽ جي ڪري بدين مشھور ضلعو بدين آھي پر بدقسمتي سان جڏھن به شوگر ملون ڪمند خريد ڪن ٿيون ته ان دوران به واپاري وري ساڳي  جيئن سارين سان ظلم ڪن ٿا ائين وري ڪمند سان به ساڳيو ظلم ڪن ٿا لاڙ جي آبادگار کي وري بروڪر مافيا جي حوالي ڪري سڌو ڪمند ان مافيا کان کنيو وڃي ٿو، جنھن وٽ ھڪ ايڪڙ به زرعي زمين جو نه آھي پر مل مالڪن ڪيترن ئي مافيا ماڻھن کي ملن اندر اڪائونٽ کولي ڏئي ڪمند ان ۾ لاٿو وڃي ٿو ڪمند جو ريٽ آبادگار کي گھٽ پر سندن مقرر ايجنٽ کي في مڻ تي وڏي رقم ڏئي اصل حقدار آبادگار کي ڪنگال ۽ مافيا کي ڪروڙ پتي ڪيو ويندو آھي.

ساڳي طرح سان وري سارين جي فصل به ان مافيا کي ھاوي ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ٻھراڙي ۾ وري ساڳين طرح شھري واپارين پاران ننڍا ننڍا مرڪز کولي ان تي به پنهنجا ماڻهو ويھاري ھٿ ٺوڪين ريٽن تي سارين جي خريداري ڪئي پئي وڃي پوري ضلعي بدين ۾ منافعي خور پنھنجي من ماني سان بنا ڪنھن ڊپ جي خريداري ڪري رھيا آھن منافعي خور جڏھن ساريون ڪارخاني تي پھچن ٿيون ته اتي ويٺل سندن ئي ليبر تور ڪري مختلف طريقن سان سبب ڄاڻائي وڏي ڪٽ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پھچائي رھيا آھن سرڪار جو ڪردار اڳ جيان ھينئر به ساڳيو آھي اھي نه ته ريٽ مقرر ڪري سگھن ٿا نه وري مافيا خلاف ڪا ڪارروائي ڪن ٿا، جڏھن ته اھيو وڏو الميون آھي ته زراعت جو صوبائي وزير بدين جو آھي پر بدين ۾ ڦرلٽ تيزي سان واپاري ڪري لاڙ جي آبادگارن کي ديوار سان لڳائي رھيا آھن جڏھن ته بد قسمتي بدين جي ضلعي جي آھي جتي ڪير به پڇڻ وارو نه آھي جيڪو آبادگارن سان ٿيندڙ ھن ظلم تي اڳڀرو اچي آبادگارن جي تنظيمن جا اڳواڻ خود ڪارخانن جا مالڪ ھجن ته پوء لاڙ جي آبادگارن سان ظلم آھي ۽ جاري رھندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.