ڪراچي ۾ عورت کي جنسي طور هيسائيندڙ جوابدار سوگهو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ ڪراچي ۾ عورت کي جنسي طور هراسان ڪندڙن، تشدد ڪندڙ، اعتراض جوڳيون ويڊيوز ٺاهيندڙ ۽ بليڪ ميل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيض الله ڪوريجي موجب هڪ عورت جي دانهن تي ترت ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.

علي اڪبر نالي جوابدار شادي شده آهي، جنهن 6 سال اڳ هڪ عورت سان جعلي فيس بڪ آءِ ڊي ذريعي دوستي رکي، جوابدار پاڻ کي حساس اداري جو اهلڪار ظاهر ظاهر ڪيو.

جوابدار عورت جون ڪوڙيون آءِ ڊيز ٺاهي سندس عزيزن کي ايڊ ڪيو، جڏهن ته ان عورت کي سهڻا خواب ڏيکاري ڇهن سالن کان کيس زيادتي جو نشانو بڻايو، ان دوران جوابدار عورت کي هراسان ڪندي سندس ڀرون ۽ وار ڪٽيا ۽ تشدد ڪندي ان کي جسم تي بجلي جي تارن جا ڏنڀ پڻ ڏنا، ڳالهه ظاهر ڪرڻ تي جوابدار عورت جي وال پيءُ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون.

اهڙي ڪارروائي متاثر عورت جي شڪايت تي ايف آءِ اي ٻن ڏينهن اندر ڪارروائي عمل ۾ آندي، گرفتار جوابدار وٽان 2 موبائل سيٽ ۽ هڪ ميموري ڪارڊ پڻ مليو آهي، جنهن ۾ اعتراض جوڳيون ويڊيوز ۽ تصويرون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.

جوابدار خلاف سائبر ڪرائم نمبر 22_2019 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.